داخلا نمبر 3631
عنوان انيس انصاري
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 729 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
انيس انصاري

انيس انصاري

انيس انصاري

انيس انصاري: سنڌ جو يگانو ليکڪ، افسانه نويس، شاعر ۽ محقق، سندس شمار سنڌ جي بهترين ڪهاڻيڪارن مان ٿئي ٿو. سندس اصل نالو الهه بخش انصاري هو. 26 جولاءِ 1923ع تي مرحوم احمد بخش انصاري جي گهر ۾ جنم وٺندڙ انيس انصاري والدين جو اڪيلو اولاد هو، ڇو ته سندس پئدائش کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ سندس والد ماجد 25 ورهين جي ڄمار ۾ گذاري ويو. هن شروعاتي تعليم لاڙڪاڻي جي هڪ ديني مدرسي مان حاصل ڪئي. 1933ع ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ مدرسه هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ داخل ٿيو، جتان 1940ع ۾ ميٽرڪ ڪيائين. سندس شادي ۽ پهرين نوڪري 1943ع ۾ ٿي. انيس انصاري نوڪري جي شروعات ڪلارڪيءَ سان ڪئي ۽ آخر ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. هن نوجوانيءَ ۾ ئي لکڻ شروع ڪيو. ماهوار رسالي ”اديب سنڌ“ ۾ سندس شروعاتي لکڻيون شايع ٿيون، جيڪو ”سنڌ سڌار سوسائٽيءَ“ طرفان 1941ع ۾ جاري ٿيو ۽ 1952ع تائين ڇپجندو رهيو. انيس انصاري اٽڪل ٽيهارو کن ڪهاڻيون ۽ افسانا لکيا، سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ”انيس جا افسانا“ ڇپيل آهي. 1988ع ۾ سندس ڪهاڻي ”پينشنر“ تي سنڌ ثقافت کاتي طرفان ”جمال ابڙو اوارڊ“ ۽ ڏهه هزار رپيا ڏنا ويا. سندس ڪهاڻيءَ جو اردو ۽ پنجابيءَ ۾ به ترجمو ٿيو. سنڌي اردو، انگريزي کان سواءِ هندي ۽ گرمکي (لپي) ٻوليءَ تي پڻ دسترس هئس. پاڻ ڪي نظم اردو ۽ هنديءَ ۾ پڻ لکيائين.
انيس انصاريءَ کي مڇيءَ جي شڪار، فوٽوگرافي، والي بال، آرٽ ۽ مطالعي سان گهڻو لڳاءُ رهيو. سندس ڪهاڻيون ”چانڊوڪيءَ جو زهر“، ”لاٺي چارج“، ”سج گرهڻ“، ”ردي“ ۽ ٻيون ڪيتريون ڪهاڻيون شاهڪار آهن. هن پنهنجي اولاد کي به ڀرپور وقت ڏئي سندن سٺي پرورش ڪئي، تنهنڪري ئي اڄ سندس لائق فرزند اشتياق انصاري، مشتاق انصاري، اخلاق انصاري، آفاق انصاري ۽ اسحاق انصاري نمايان مقام تي آهن.
انيس انصاري 77 سالن جي ڄمار ۾ 2 مارچ 2000ع تي وفات ڪئي، سندس آخري آرامگاهه لاڙڪاڻي ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1923.07.26  عيسوي

انيس انصاري 26 جولاءِ 1923ع تي پيدا ٿيو


2000.03.02  عيسوي

انيس انصاري 77 سالن جي ڄمار ۾ 2 مارچ 2000ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون