داخلا نمبر 3635
عنوان انيس مهيري
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 582 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

انيس مهيري

انيس مهيري: اصل نالو محمد ابراهيم ولد حاجي غلام حسين، ذات مهيري سندس پيدائش 15 مارچ 1918ع تي شهر ٽنڊي محمد خان ۾ ٿي. سنڌي فائنل امتحان پاس ڪري، مسلم اسڪول ۾ استاد ٿيو. سندس هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن: (1) ’جرنيل اعظم‘ (خالد بن وليد)، (2) ’اصول نجات‘، (3)سولو تفسير پاره‘، (4) ’ورثن لاءِ قانون‘.


هن صفحي کي شيئر ڪريو