داخلا ؛ 3640
پڙهيو ويو ؛ 333
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-24


تصويرون


Anees-Memon.jpg
انيس ميمڻ
انيس ميمڻ



ٽائيم لائين

1952.05.01-A.D
انيس ميمڻ 1 مئي 1952ع تي ، ٽنڊي ڄام، ضلعي حيدرآباد ۾ محمد يعقوب ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو




sindhianaسنڌيانا--انيس ميمڻ

ٽائيٽل ؛ انيس ميمڻ


شاخ : شخصيت

انيس ميمڻ: -پاڪستان- -ٽيليويزن- جي پهرين سنڌي نيوز ڪاسٽر، سماجي ڪارڪن ۽ ليکڪا، -انيس ميمڻ- جنهن جو شاديءَ کانپوءِ هاڻوڪو نالو انيسه رحمان آهي. هن پهرين مئي 1952ع تي، ٽنڊي ڄام، ضلعي حيدرآباد ۾ محمد يعقوب ميمڻ جي گهر ۾ -جنم- ورتو. مئٽرڪ، ماڊل اسڪول، سنڌ يونيورسٽيءَ مان، 1968ع ۾ ڪيائين. بي.اي (زبيده ڪاليج، حيدرآباد) ۽ 1974ع ۾ ايم. اي (بين الاقوامي تعلقات) سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جي زماني ۾، گهڻو سرگرم رهي؛ مختلف تقريبون، تقريري مقابلا ۽ سهائتا شو ڪرائڻ ۾ سندس هٿ رهيو. جڏهن ته هوءَ ٻه سال سنڌ يونيورسٽيءَ ۾، شاگردياڻين جي چونڊيل نمائنده رهڻ کان سواءِ، ”ورلڊ يونيورسٽي سروس“ جي لوڪل ڪاميٽيءَ جي ميمبر، سنڌ اسپيڪرس فورم جي نائب چيئرمئن ۽ حيدرآباد ڪائونسل آف آرٽس ائنڊ ڪلچر جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جي ميمبر پڻ رهي آهي. کيس اهو به اعزاز حاصل رهيو آهي ته ’سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ گرلس برانچ جي پهرين خاتون ڪنوينر بڻي، ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٻين ڇوڪرين جي سياسي ۽ سماجي طور تي همٿ افزائي ڪيائين.

1972ع ۾ ٽي ويءَ -تان- سنڌي خبرون نشر ٿيون ته پهرئين ئي ڏينهن -انيس ميمڻ- نيوز ڪاسٽر جي حيثيت سان خبرون پڙهيون. 1975ع کان 1979ع تائين، ڪراچيءَ ۽ سکر ۾ -پاڪستان نئشنل سينٽر- جي ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر رهي، جتان جنرل ضياءَ جي آمرانه دور ۾ کانئس جبراً استعيفا ورتي وئي. -ان- کان پوءِ ڪجهه سال سگا جي قائم ڪيل اسڪول ايم. اي. ايف ڪراچيءَ جي پرنسپال طور فرائض سرانجام ڏنائين. بعد ۾ کيس پي. آءِ. اي ۾ نوڪري ملي، -جتي- هن وقت مارڪيٽنگ ڊپارٽمينٽ جي جنرل مئنيجر آهي.

انيس ميمڻ، 70 جي ڏهاڪي ۾ گهڻي تعداد ۾ مضمون، شاعري ۽ ڪهاڻيون لکيون، جيڪي هلال -پاڪستان- -اخبار- جي عورتن جي صفحي ”سگهڙين سٿ“ ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيون. 89- 1988ع ۾ پنهنجي ڀيڻ ڊاڪٽر فهميده حسين سان گڏ عورتن لاءِ هڪ ماهوار رسالو ”سگهڙين سٿ“ پڻ -جاري- ڪيائين. جنهن جا ٻارنهن پرچا شايع ٿيا، اهو سنڌيءَ جو پهريون عورتن جو رسالو هو، جيڪو ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ٿيو هو .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -انيس ميمڻ- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

انيس ميمڻ - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن