انٽرنيشنل ريڊ ڪاس

انٽرنيشنل ريڊ ڪاس (International Red Cross ):انساني ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي ادارو، جيڪو جنگ جي موقعن تي سپاهين، شهرين ۽ جنگي قيدين جون تڪليفون گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. امن وارين حالتن ۾ هيءُ ادارو طبي امداد ڏيڻ سان گڏ ٻوڏن، زلزلن ۽ ڏڪار سٽيل ماڻهن جي مدد ڪندو آهي. ريڊ ڪراس جو بنياد اڻويهين صدي عيسوي ۾ هڪ عورت هنري ڊونينٽ رکيو. انٽرنيشنل ريڊ ڪراس ۽ هلال احمر تحريڪ ۾ انٽرنيشنل ڪميٽي آف ريڊ ڪراس شامل آهي، جيڪا 25 سوئس شهرين تي مشتمل آهي. هن جا هيڊ ڪوارٽر جنيوا ۽ سوئيٽزرلينڊ ۾ آهن. هي ادارو هن وقت سڄي دنيا ۾ ڪم ڪري رهيو آهي جتي به امداد جي ضرورت پوي ٿي هي پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو. هر چئن سالن کانپوءِ مختلف ملڪن ۾ هي عالمي ڪانفرنس ڪندو آهي، ان ۾ ريڊ ڪراس جا ميمبر ۽ حڪومتي نمائندا شريڪ ٿيندا آهن. 1986ع ۾ هن ۾ هلال احمر کي به شامل ڪيو ويو، جيڪو گهڻو ڪري مسلم ملڪن ۾ ڪم ڪري ٿو. انٽرنيشنل ريڊ ڪراس بنا ڪنهن مذهبي ۽ نسلي متڀيد جي ڪم ڪري ٿو ۽ هنگامي حالتن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو