داخلا نمبر 4394
عنوان انڍڙ فضل الله
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 404 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيا جي پهرئين جلد جو ضميمو

انڍڙ فضل الله

انڍڙ، فضل الله: اسڪوارڊن ليڊر فضل الله انڍڙ 1942ع ڌاري ۾ ڳوٺ ابراهيم انڍڙ ۾ ڄائو. عصري ۽ ديني تعليم ٺيڙهي، ملتان ۽ گهوٽڪيءَ مان حاصل ڪيائين. ’ترجمان اسلام‘ رسالي جو نائب ايڊيٽر رهيو، ڪجهه عرصو ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج مٺياڻي ۽ حيدرآباد ۾ عربي استاد ٿي رهيو، وڪالت به ڪيائين. نيوي ۾ ترجمان ٿي رهيو، سکر مان ماهوار ’شريعت‘ جو اجراءُ ڪيائين، جيڪو پوءِ لڳاتار مفتي عبدالوهاب چاچڙ جي ادارت ۾ نڪرندو پيو اچي. فضل الله انڍڙ بعد ۾ ايئرفورس ۾ وارنٽ آفيسر ٿيو، جتان 1992ع ۾ اسڪوارڊن ليڊر طور رٽائر ڪيائين. 2003ع ۾ وفات ڪيائين، سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’تفسير آريات رضوان‘ ۽ (2) ’الترغيب و ترميب‘ (ترجمو) شامل آهن، سندس ڪيترائي مضمون ۽ مقالا ادبي ۽ ديني رسالن ۾ شايع ٿيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

00.00.1942  عيسوي

فضل الله انڍڙ 1942ع ڌاري ۾ ڳوٺ ابراهيم انڍڙ ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون