داخلا نمبر 4395
عنوان انڍڙ مولانا قمر الدين
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 462 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيا جي پهرئين جلد جو ضميمو

انڍڙ مولانا قمر الدين

انڍڙ، مولانا قمر الدين: مولانا قمر الدين ولد رزاق ڏنو بکراڻي انڍڙ، ڳوٺ تربت ۾ ڄائو. وقت جو وڏو عالم ۽ شيخ الحديث هو، سندس مشهور شاگردن ۾ مولانا عبدالڪريم ڪهاڙو، مولوي نور محمد ڪنڊوي، مولانا حماد الله هاليجوي، حڪيم قائم الدين مهر، ميان ابوبڪر سينهڙو ۽ پير فخر الدين شاهه جيلاني شامل آهن. سندس پنج ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾: (1) ’حرف نحو جي فن ۾ قافيه جو اختصار‘، ’(2) ’رافعه شر دافعه‘، (3) ’رساله قمريه‘، ’(4) شمسيه شرح قمريه‘، ’(5) ’علم بيان مجاز مرسل بابت رسالو‘. شامل آهن. مولانا صاحب پيري مريدي ۽ سياست کان پري رهيو . 1930ع ڌاري وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

00.00.1930  عيسوي

انڍڙ ، مولانا قمر الدين 1930ع ڌاري وفات ڪيائين .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون