داخلا نمبر 4396
عنوان انڍڙ نور محمد
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 743 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيا جي پهرئين جلد جو ضميمو

انڍڙ نور محمد

انڍڙ، نور محمد: مولانا نور محمد ولد نواز انڍڙ 1886ع ۾ هاليجي شريف ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم سنڌ مان حاصل ڪري اعليٰ ديني تعليم لاءِ ديوبند دهليءَ ويو، جتان فارغ التحصيل ٿي، مدرسه قاسم العلوم گهوٽڪيءَ ۾ مدرس مقرر ٿيو. مولانا محمد علي جوهر کان متاثر ٿي خلافت تحريڪ ۾ شامل ٿيو. انگريزن خلاف سخت تقريرون ڪيائين، هجرت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين. هجرت تحريڪ دوران گهر جو سمورو سامان ۽ ٻني وڪڻي افغانستان ڏانهن هجرت ڪيائين، پر پشاور پهچڻ بعد خبر پيس ته پٺاڻن دغا ڪري انگريزن سان ٺاهه ڪيو آهي، تڏهن ٻين سان گڏ واپس آيو. قطع تعلقات تحريڪ ۾ خاص ڪردار ادا ڪيائين. سخت تقريرن ڪرڻ ڪري سکر جي ڪليڪٽر گبن کيس گهرائي چيو ته: ”اسان ٻڌو آهي ته اوهان ماڻهن ۾ بغاوت پکيڙيو ٿا“، مولوي نور محمد نهايت بي باڪيءَ سان کيس جواب ڏنو ته: ”اسان پنهنجو حق گهرون ٿا، بغاوت نه ٿا پکيڙيون، هي ملڪ اسان جو آهي، نه ڪي توهان جو.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

00.00.1886  عيسوي

مولانا نور محمد ولد نواز انڍڙ 1886ع ۾ هاليجي شريف ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون