داخلا ؛ 3900
پڙهيو ويو ؛ 665
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-06-27


تصويرون


uner-Haji-Ghulam-hussain.jpg
حاجي غلام حسين انڙ
حاجي غلام حسين انڙ



ٽائيم لائين

00.04.1948-A.D
سنڌ جو مشهور سياستدان حاجي غلام حسين انڙ اپريل 1948ع ڌاري ڳوٺ علي آباد ، تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ زميندار گھراڻي ۾ پيدا ٿيو .




sindhianaسنڌيانا--انڙ حاجي غلام حسين

ٽائيٽل ؛ انڙ حاجي غلام حسين


شاخ : سياستدان

انڙ، حاجي غلام حسين: سنڌ جو مشهور سياستدان حاجي غلام حسين -انڙ- -اپريل- 1948ع ڌاري ڳوٺ علي آباد، تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ زميندار گھراڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد وڏيرو غلام عمر خان -انڙ- تر جو ناليوارو سياستدان ۽ زميندار ٿي گذريو آهي. سندس ڏاڏو فقير محمد خان -انڙ- به سياسي حوالي سان تر جو مشهور ماڻهو هو، جنهن کي -انگريز- دور ۾ ”خانبهادر“ جو لقب مليو هو. حاجي غلام حسين -انڙ- ابتدائي -تعليم- نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي. گريجويشن سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. شروع کان وٺي سياسي ۽ سماجي سرگرمين ۾ دلچسپي وٺندو هو. هن سياسي ڪيريئر جي شروعات بلدياتي چونڊن ۾ ڪائونسلر چونڊجڻ سان ڪئي. 1983ع ۾ تعلقي ڪائونسل جو چيئرمئن ٿيو. 1985ع جي غير جماعتي چونڊن ۾ پهريون دفعو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1988ع ۽ 1990ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي -ٽڪيٽ- تي ايم.پي.اي چونڊيو. انهن ئي سالن ۾ ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جو بنا مقابلي چيئرمئن به ٿيو. 1992ع ۾ مسلم ليگ (فنڪشنل) جي -ٽڪيٽ- تي ايم. پي. اي لاءِ چونڊ وڙهيو، پر پ پ پ اميدوار کان هارائي ويو. 1992ع ۾ هو مسلم ليگ (فنڪشنل) لاڙڪاڻي ضلعي جو صدر چونڊيو. هن ضلعي سطح تي سياست ڪرڻ ۽ ضلعي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ”لاڙڪاڻو اتحاد“ قائم ڪيو. جنهن کي پ پ مخالف محاذ تصور ڪيو ويو. 1990ع ۾ هو مشهور ”انڙ ڪيس“ ۾ گرفتار ٿيو. ڄام صادق علي جي نگران وزير اعليٰ ٿيڻ بعد سندس حمايت سان آزاد ٿيو. 22 مارچ 1994ع تي کيس ٻيهر گرفتار ڪيو ۽ 22 مهينا قيد رهيو. 22 ڊسمبر 1995ع تي آزاد ٿيڻ کانپوءِ 25 -جنوري- 1996ع تي وفات ڪيائين. سندس -ڀاءُ- الطاف -انڙ- به مشهور سياستدان آهي، جيڪو اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ صوبائي وزير رهي چڪو آهي. سندس فرزند شفقت حسين -انڙ- ڏوڪريءَ جو اڳوڻو تعلقي ناظم رهي چڪو آهي، هينئر سندس سياسي وفاداريون -پاڪستان- پيپلز پارٽيءَ سان آهن.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو

ڇا اوهان وٽ -انڙ حاجي غلام حسين- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

انڙ حاجي غلام حسين - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سياستدان - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بجاراڻي هزار خان
بچاڻي شمشاد بيگم
اسد سڪندر ملڪ
اسد عابد قاضي
اسفند يار ولي
اسماعيل راهو
اصغر خان
اعجاز جکراڻي
اعجاز علي خان ٽالپر
اعجاز علي خان جتوئي
اعجاز علي شاهه شيرازي
اعزاز نظير ڊاڪٽر ڪامريڊ
اڪرام الله ڌاريجو
الاهي بخش پير
الاهي بخش سومرو
الطاف حسين
برڪت علي آزاد ڪامريڊ
الهه بخش سومرو شهيد
بروهي جان محمد
آچاريه ڪرپالاڻي
ابڙو تاج محمد
امام علي نازش ڪامريڊ
امجد شاهه جيلاني
امداد علي اعواڻ
امداد علي پتافي
بشير احمد خان لغاري
آدم خان رند
امير بخش ڀٽو
امير حيدر ڪاظمي
امير علي شاهه پير
امين فهيم مخدوم
احمد علي خان جلباڻي
احمد علي مجذوب
بشير خان قريشي
اختر حسين جدون
بقادار شاهه سيد
اختر علي جي قاضي
اختر مينگل
آڏواڻي لال ڪرشن
اندرا گانڌي
آرائين طارق مسعود
انڙ غلام رسول
آريسر عبدالواحد
بگٽي، اڪبر خان
ارباب ذڪاءُ الله
ارباب ذوالفقار علي
ارباب غلام رحيم
ارباب وزير احمد
انور احمد خان مهر
ايشور داس
اياز سومرو
اياز لطيف پليجو
اي ايم قريشي
بلاول ڀٽو زرداري
ايوب کهڙو
آصف بالادي
آصف علي زرداري
آنند هنڱوراڻي
آغا بدرالدين دراني
آغا تيمور خان پٺاڻ
بينظير ڀٽو شهيد
آغا سراج خان دراني
آغا شاھي
بلوچ ڊاڪٽر عبدالحئي
آفتاب شاهه جيلاني
آفتاب شعبان ميراڻي
آفتاب شيرپائو
بلوچ ناصر
بلوچ نصرالله ڊاڪٽر
بنده علي خـان ٽالپر
بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي
بهادر خان ڏاهري
آغا شمشاد مغل
انڍڙ عبدالقادر
انڙ حاجي غلام حسين
اوباما بارڪ
بن بلا/بن باالله
بال ٺاڪري
احمد ميان سومرو
ارباب انور
ارباب تاج محمد
الهبچايو ٽالپر
اميد علي شاهه رضوي ( سياستدان )
انڙ علي نواز
ڀاشاني عبدالحميد خان
ڀٽو غنويٰ
ڀٽو ممتاز علي
ڀٽو ذوالفقار علي شهيد
ڀٽو سَر شاهنواز خان
ڀٽو مير مرتضيٰ
ڀٽي قمر
ڀرٽ عبدالحق
ڀرڳڙي زاهد علي
ڀرڳڙي غلام مصطفيٰ خان
ڀرڳڙي ميان غلام محمد خان
ٽالپر الحاج مير علي احمد خان
ڀوتاڻي محمد اسلم
توقير فاطمه ڀٽو
تاج حيدر
ٿهيم عبدالسلام


.....سياستدان موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن