داخلا جي تاريخ 2012-03-13
داخلا نمبر 2561
عنوان انڙ غلام رسول
شاخ سياستدان
پڙهيو ويو 290 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

انڙ غلام رسول

انڙ غلام رسول: غلام رسول انڙ، مشهور سياستدان حاجي امام علي انڙ جو پٽ آهي. هو 1949ع ۾ نواب شاهه ويجهو کڏهر ڳوٺ ۾ ڄائو. ميٽرڪ تائين تعليم ورتائين. سندس پيشو زمينداري آهي. هو 1977ع ۽ 1993ع ۾ پ پ پ جي ٽڪيٽ تي ۽ 1997ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1997ع واري دور ۾ وڏي وزير جو صلاحڪار مقرر ٿيو. 2007ع ۾ نگران حڪومت ۾ ٻيلي کاتي جو وزير مقرر ٿيو. اسيمبلي جي ٻيلي کاتي جو وزير مقرر ٿيو. اسميبلي جي چونڊ لڙڻ لاءِ گريجوئيشن واري شرط سبب پنهنجي پٽ عبدالحفيظ انڙ کي سياست ۾ آندائين. صوبائي اسيمبلي جي نوابشاهه واري سيٽ لاءِ مسلم ليگ (ق) جو اميدوار هو. سندس پٽ عبدالحفيظ 2008ع ۾ دل جو دورو پوڻ سبب گذاري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1949.00.00  عيسوي

غلام رسول انڙ 1949ع ۾ نواب شاهه ويجهو کڏهر ڳوٺ ۾ ڄائو



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بجاراڻي هزار خان
بچاڻي شمشاد بيگم
اسد سڪندر ملڪ
اسد عابد قاضي
اسفند يار ولي
اسماعيل راهو
اصغر خان
اعجاز جکراڻي
اعجاز علي خان ٽالپر
اعجاز علي خان جتوئي
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون