داخلا ؛ 4399
پڙهيو ويو ؛ 879
پسند ڪيو ويو ؛ 3
تاريخ ؛ 2012-08-24


تصويرون


Uner-Ghulam-Rasol.gif
انڙ فقير رسول بخش
انڙ فقير رسول بخش



ٽائيم لائين

00.00.1901-A.D
فقير رسول بخش انڙ قاضي احمد شهر ، ضلعي نوابشاهه ( هاڻي بينظير آباد ) ۾ 1901ع ڌاري سردار خانصاحب محمد خان انڙ جي گهر ۾ جنم ورتو

00.00.1980-A.D
رئيس فقير رسول بخش انڙ 1980ع ۾ وفات ڪئي .




sindhianaسنڌيانا--انڙ فقير رسول بخش

ٽائيٽل ؛ انڙ فقير رسول بخش


شاخ : شخصيت

انڙ ،فقير رسول بخش: فقير رسول بخش -انڙ- قاضي احمد شهر، ضلعي نوابشاهه (هاڻي بينظير آباد) ۾ 1901ع ڌاري سردار خانصاحب محمد خان -انڙ- جي گهر ۾ -جنم- ورتو. سندس والد سڄي سنڌ ۾ سخاوت جي حوالي سان مشهور هو، هن خاندان جو لاڳاپو ۽ شجرو سنڌ جي سما خاندان سان ملي ٿو، جيڪي سنڌ جا حاڪم هئا ۽ پهرئين سمي حاڪم ڄام -انڙ- جو اولاد هئا، انهيءَ تعلق جي ڪري سردار رسول بخش -انڙ- جي خاندان کي سنڌ جي سما خاندان ۾ نمايان ڪليدي حيثيت رهي آهي ۽ کين سما خاندان جو وڏو گهر سڏيو ويندو آهي. رئيس رسول بخش انڙ، سنڌ جي بمبئيءَ کان جدا ٿيڻ کانپوءِ 1937ع ۾ سنڌ جي پهرين اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. -ان- کان پهرين 1933ع ۾ لوڪل بورڊ نوابشاهه جو پريزيدنٽ پڻ رهيو، رئيس فقير رسول بخش -انڙ- 1940ع ڌاري حيدرآباد ۾ آل -پاڪستان- سماٽ ايسوسيئيشن جو صدر پڻ چونڊيو. رسول بخش -انڙ- جو نالو -ان- دور ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو، جڏهن 1942ع ۾ هڪ -انگريز- ڪليڪٽر ڊيوس (Davis) سان سندس تڪرار ٿيو. -ان- دوران هي پهريون شخص هو، جنهن -انگريز- سرڪار کان خانبهادريءَ جي لقب وٺڻ کان انڪار ڪيو، سندس -ان- قدم تي -انگريز- سرڪار سخت ناراض ٿي ۽ مٿس توڙي سندس ٻن ڀائرن، رئيس -امام- بخش -انڙ- ۽ رئيس ڌڻي بخش -انڙ- تي بغاوت، قانون شڪني ۽ متوازي حڪومت قائم ڪرڻ جا ڪيس لاڳو ڪري کين چالان ڪيو ويو. سردار صاحب کي -تنگ- ڪرڻ لاءِ سندس شنوايون پري پري وارن شهرن ۾ رکيون ويون. -ان- وقت سانگهڙ ۽ نوابشاهه هڪ ضلعو هئا، پر جنهن به شهر ۾ فقير صاحب جي شنوائي ٿيندي هئي، اتي هزارين ماڻهو گڏ ٿي ويندا هئا، اصل ۾ هي ڪيس فقير رسول بخش جي طاقت ۽ اثر رسوخ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪيا ويا هئا پر رئيس چيف ڪورٽ مان باعزت -بري- ٿيو. سندس ڪيس جي پيروي نامور بئريسٽر محمد علي جناح ڪئي.
1950ع ڌاري سردار رسول بخش -انڙ- جو صوفي ازم ڏانهن لاڙو ٿيو ۽ سرداري لقب هٽائي فقيريءَ جو لقب اختيار ڪيائين ۽ سمورو وقت سماجي خدمت ۽ فلاح و بهبود جا ڪم ڪرڻ ۾ وقف ڪيائين. ٽي چار ڀيرا پنهنجن هارين جا قرض معاف ڪيائين. هارين جي کاتن جا ڪتاب گهرائي، انهن مان غريب هارين جي قرض جا سمورا ورق ساڙي ڇڏيائين. وٿاڻن ۾ بيٺل جانور، غريبن ۾ ورهائي ڇڏيائين. سندس اها سخاوت اڄ به تر جي ماڻهن کي ياد آهي. سندس سنڌ جي مختلف مشهور خاندانن سان تعلقات هئا، پر سائين جي. ايم. سيد سان گهاٽي دوستي ۽ ويجهڙائپ هـئـس، جـنـهـن جـو ذڪـر سـائـيـن جـي. ايـم. سـيـد پـنـهـنـجـي ڪـتـاب ”جنب گذاريم -جن- سين“ ۾ ڪيو آهي. 1970ع ۾ سائين جي. ايم. سيد جي موجودگيءَ ۾ فقير رسول بخش سماٽ قبيلي جو اجلاس ڪوٺائي، پنهنجي زندگيءَ ۾ پنهنجي پٽ ڄام تماچيءَ کي سردار ڪوٺايو، جيڪو هن وقت سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو چيئرمئن آهي. سردار ڄام -تماچي- پڻ پنهنجي والد جي رستي تي هلندي سماجي ڪمن ۽ غريبن جي خدمت ۾ اڳڀرو آهي. رئيس فقير رسول بخش -انڙ- 1980ع ۾ وفات ڪئي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيا جي پهرئين جلد جو ضميمو

ڇا اوهان وٽ -انڙ فقير رسول بخش- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

انڙ فقير رسول بخش - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن