انگي حساب 13

انگي حساب: هيءُ ڪتاب ڪرمچند ليلارام هڱوراڻيءَ جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 104 صفحا آهن ۽ قيمت 6 آنا ڄاڻايل آهي. پهريون ڇاپو، ڪارونس پرنٽنگ پريس، ڪراچيءَ مان سال 1930ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، پوڪرداس ائنڊ سنز، سنڌ پرنٽنگ پريس، شڪارپور مان سال 1935ع ۾ ڇپايو. هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو، ٽيڪچند ليکراج هوتاڻيءَ، 1936ع ۾ سنڌ پرنٽنگ پريس، ڪراچيءَ مان ڇپايو. هن ڪتاب جو چوٿون ڇاپو، پوڪرداس ائنڊ سنز، 1937ع ۾ سنڌ پرنٽنگ پريس، شڪارپور مان ڇپايو. هن ڪتاب جو جدا ڇاپو لڪشمي پرنٽنگ ورڪس، حيدرآباد مان 1937ع ۾ ڇپيو، جنهن جي قيمت 5 آنا آهي. هن ڪتاب جو چوٿون ڇاپو، ڀوڄراج پوڪرداس سال 1938ع ۾ سنڌ پرنٽنگ پريس، شڪارپور مان ڇپايو. هيءُ ڪتاب پوڪرداس ائنڊ سنز، سنڌ پرنٽنگ پريس، شڪارپور مان سال 1940ع ۾ شايع ڪيو


هن صفحي کي شيئر ڪريو