انگي حساب 18

انگي حساب: هيءُ ڪتاب قاضي جان محمد اڪبر عليءَ جو لکيل آهي . ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 162 صفحا آهن ۽ قيمت 8 آنا ڄاڻايل آهي . پهريون ڇاپو ، پوڪرداس ائنڊ سنز ، سنڌ پرنٽنگ پريس ، شڪارپور مان سال 1937ع ۾ ڇپايو . هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو ، به پوڪرداس ائنڊ سنز ، سال 1937ع ۾ چنڊن پرنٽنگ ورڪس ، حيدرآباد مان ڇپايو . هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو ، مدن لال پوڪرداس ، اَمر اليڪٽرڪ پرنٽنگ ورڪس ، حيدرآباد مان سال 1939ع ۾ ڇپايو . هن ڪتاب جو چوٿون ڇاپو ، مدن لال پوڪرداس ، امر اليڪٽرڪ ورڪس حيدرآباد مان سال 1940ع ۾ ڇپايو . هن ڪتاب جو پنجون ڇاپو ، مدن لال پوڪرداس ، چندن پرنٽنگ ورڪس ، حيدرآباد مان 1941ع ۾ ڇپايو . هن ڪتاب جو ڇهون ڇاپو ، مدن لال پوڪرداس ، ڪرائون پرنٽنگ پريس ، حيدرآباد مان سال 1944ع ۾ ڇپايو . هن ڪتاب جو ستون ڇاپو ، مدن لال پوڪرداس ، اَمر اليڪٽرڪ پرنٽنگ ورڪس ، حيدرآباد مان سال 1945ع ۾ ڇپايو . هن ڪتاب جو اَٺون ڇاپو ، مدن لال پوڪرداس ، ديش متر پرنٽنگ پريس ، حيدرآباد مان سال 1946ع ۾ ڇپايو . هن ڪتاب جو نائون ڇاپو ، مدن لال پوڪرداس ، آفتاب پرنٽنگ پريس ، حيدرآباد مان سال 1947ع ۾ ڇپايو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو