اها به ڪا آکاڻي آهي

اها به ڪا آکاڻي آهي (ڪتاب ):هي گوبند مالهيءَ جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو آهي. هيءُ ڪرائون سائيز ڪتاب 1984ع ۾، سنڌي ٽائيمس پبليڪيشن، الهاس نگر، بمبئيءَ ۾ ڇپيو. قيمت 10 رپيا اٿس، گوبند مالهيءَ جي سنڌي ساهتيه ۾ ناول نويس طور سڃاڻپ آهي. ان کان سواءِ مالهي صاحب کي سنڌي عام جنتا، لوڪ سنگيت، سنڌين جي هلچل، ناٽڪ نويس، ڪهاڻي نويس، اخبار نويس طور به سڃاڻي. ’اُها به ڪا آکاڻي آهي‘ ڪتاب ۾ گوبند مالهيءَ جون 1955 تائين لکيل ڏهه ڪهاڻيون آهن. هن ڪتاب جون ٽي ڪهاڻيون تمام گهڻيون مشهور آهن، جن ۾ ’اها به ڪا آکاڻي آهي؟‘، ’شرنارتي‘ ۽ ’سورن جي ڪهاڻي‘ شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو