او جي ڊي سي

او. جي. ڊي. سي: آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪارپوريشن (او. جي. ڊي. سي) حڪومت پاڪستان جي انتظام هيٺ تيل ۽ گئس ڳوليندڙ ڪمپني آهي. هن جو قيام 1961ع ڌاري عمل ۾ آيو. شروع ۾ هڪ معاهدي تحت روس جي حڪومت اوزار ۽ ماهر مهيا ڪيا، جن جي مدد سان تيل ۽ گئس جي ڳولا وارو سلسلو شروع ڪيو ويو. تيل ۽ گئس جي ڳولا لاءِ کوهه کوٽڻ ۽ اتان تيل ۽ گئس ڪڍڻ او. جي. ڊي. سي جي ذميواري آهي. هن ڪمپني پنهنجي قيام کان وٺي هينئر تائين وڏي پئماني تي ارضياتي ۽ جاگرافيائي سروي ڪري تيل ۽ گئس جي موجودگيءَ جي نشاندهي ڪندي ڪيترائي کوهه کوٽي چڪي آهي. هيءَ ڪمپني نه رڳو خشڪي تي پر سمنڊ ۾ به تيل جي ڳولا ۾ مصروف عمل آهي.
سنڌ ۾ او. جي. ڊي. سي جون ڪيتريون ئي فيلڊون قائم آهن، جن ۾: ٽنڊو آدم آئل ڪامپليڪس حيدرآباد، قادرپور گئس فيلڊ گهوٽڪي، ٻوٻي آئل ڪامپليڪس سانگهڙ، ڪُنر گئس فيلڊ ٽنڊو الهيار، ريتي مارو گئس فيلڊ ڏهرڪي، دڙو گئس فيلڊ ٽنڊو محمد خان، سنجهورو گئس فيلڊ سانگهڙ، نور بنگلا گئس فيلڊ بدين، هينڊي سري گئس فيلڊ ڄامشورو شامل آهن. ان کان سواءِ پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ به او. جي. ڊي. سي جون ڪافي فيلڊون قائم آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو


ڪمپني - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀت گئس فيلڊ
او جي ڊي سي
ڪمپني ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون