داخلا نمبر 3785
عنوان اورنگزيب عالمگير
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 596 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
اورنگزيب عالمگير

اورنگزيب عالمگير

اورنگزيب عالمگير

اورنگزيب عالمگير: اورنگزيب عالمگير مغل سلطنت جو مشهور شهنشاهه ٿي گذريو آهي. سندس اصل نالو محي الدين هو. کيس پيءُ شاهجهان، اورنگزيب جو خطاب ڏنو هو. اورنگزيب 3 نومبر 1618ع تي مالوه جي سرحد ۾ پيدا ٿيو. سندس ماءُ جو نالو ارجمند بانو هو. ارجمند بانو، ’ممتاز محل‘ جي نالي سان مشهور آهي.
جڏهن اورنگزيب جي ڄمار 2 سال هئي، تڏهن سندس ڏاڏو جهانگير بادشاهه هو، جنهن خلاف شاهجهان بغاوت ڪئي. هو ٻارن سميت بنگال آيو، جتي چار سال رهڻ کان پوءِ هن معافي ورتي. پوءِ اورنگزيب جي پرورش نورجهان ڪئي. اورنگزيب جي ڀاءُ جو نالو دارا شڪوه هو.
اورنگزيب ان وقت جي مشهور عالمن وٽ تعليم حاصل ڪئي ۽ قرآن شريف به حفظ ڪيائين. ساڳئي وقت فن ۽ ادب سان چاهه به هئس. هن فارسيءَ ۾ ڪيترائي مضمون لکيا. 1636ع کان هن باقاعدي فوج جي ڪمان سنڀالڻ شروع ڪئي. پهرين دکن ۾ هو، جتي هن بغاوتون ختم ڪيون ۽ ٻيا به ڪارناما سرانجام ڏنا. جڏهن شاهجهان بيمار ٿي پيو ته داره شڪوهُ حڪومت جو انتظام سنڀاليو، جنهنڪري مختلف هنڌن تي الڳ بادشاهتون قائم ٿيون. پر اورنگزيب به ماٺ ڪري نه ويٺو هن پنهنجي ننڍي ڀاءُ، مراد کي ساڻ ڪري حڪومت تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. 1957ع ۾ شاهه جهان بيمار ٿيو، ته سن 1658ع ۾ اورنگزيب کيس هڪ محل ۾ قيد ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ تخت تي ويهي رهيو. 1659ع ۾ اجين وٽ اورنگزيب ۽ داراشڪوه وچ ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ اورنگزيب کي فتح حاصل ٿي.
حقيقت ۾ داراشڪوه صوفي خيال رکندڙ هو. تنهنڪري هن کي سلطنت جي سياست ۽ حرفت سان ڪوبه چاهه نه هو. جڏهن ته اورنگزيب ظاهر ۾ عالم ۽ روزي نماز جو پابند هوندو هو، پر ان سان گڏ هر قسم جي حرفتن، ۽ کيڏن جو به ماهر هو. هن پهريائين ته پنهنجن وڏن ڀائرن، يعني داراشڪوه ۽ شجاع کي پاڻ ۾ ويڙهايو. ان وقت تائين پنهنجي ننڍي ڀاءُ مراد کي پنهنجي ساٿ ۾ رکيائين، جڏهن سندس ٻئي وڏا ڀائر فوت ٿيا، ته پوءِ ننڍي ڀاءُ مراد کي به قيد ڪري مارائي ڇڏيائين.
اورنگزيب ظاهري طرح فنون لطيفه ۽ ادب کي اڀاريو، پر دلي طرح فنون لطيفه جو دشمن هو. صوفين جو مخالف هو. کيس ڌيءَ زيب النساءِ ’مخفي‘ جي شاعري ڪرڻ به پسند نه هئي، هن تصوف جا ڪتاب ساڙايا. خوشحال خان خٽڪ پشتو شاعر سندس سخت مخالف هو. ملڪ مان مختلف برايون ختم ڪرايائين. 1665ع ڌاري آسام، چٽانگ ۽ بهار جا علائقا فتح ڪيائين. ان کان سواءِ ڪيتريون بغاتون به ڪچليائين، تان جو 1687ع تائين سموري هندستان تي مغل بادشاهت قائم ٿي وئي. هن کي ادب سان به لڳاءُ هو. درٻاري مورخن پاران سندس لاءِ عام طرح مشهور آهي ته سرڪاري خزاني مان ذاتي خرچ نه ڪندو هو، پرهيزگار ۽ نيڪ هو. سندس خط ”رقعات عالمگير“ جي نالي سان ترتيب ڏنا ويا، جيڪو ڪتاب ڇپجي چڪو آهي. سندس ڪتاب ”فتاويٰ عالمگيري“ به وڏي مشهوري ماڻي. اورنگزيب عالمگير 3 مارچ 1707ع تي وفات ڪئي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1618.11.03  عيسوي

اورنگزيب 3 نومبر 1618ع تي مالوه جي سرحد ۾ پيدا ٿيو


1707.03.03  عيسوي

اورنگزيب عالمگير 3 مارچ 1707ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون