اوٻاسي

اوٻاسي: گهڻي ٿڪ سبب، يا ننڊ اچڻ کان اڳ فطري طرح وات ڦاڙي وڏو ساهه کڻڻ جو عمل، جنهن مان سستيءَ، اوجاڳي ۽ ننڊ جي ضرورت جو احساس ٿئي. جيئن چوندا آهن ته ”اوٻاسيون آيون، ننڊ نياپو موڪليو“. ٻيءَ هڪ راءِ موجب اوٻاسيءَ کي سستيءَ جي علامت سمجهيو وڃي ٿو، ليڪن دراصل انسان جو بدن چاهي ٿو ته ان جي سڀني مشڪن ۽ رڳن کي ساهي ملي ۽ ڏٺو ويو آهي ته اوٻاسيءَ کان پوءِ جسم وري چست ٿي وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو