اوپن جيل بدين

اوپن جيل بدين

اوپن جيل بدين

اوپن جيل بدين: ڪکائن گهرن نما ٺاهيل هي اوپن جيل، بدين کان 35 ڪلو ميٽر پري ”ولاسي“ جي علائقي ۾ آهي. هيءُ جيل عام جيلن کان ڪافي منفرد آهي. هن جيل ۾ قيدين جي مٿان نه ڪو پهرو آهي نه اوچي ديوار، نه ماڙي، نه ڄاريءَ مان ملاقات جو تصور، نه ڪي وردي وارا سپاهي نه خوف وغيره، سنڌ جو هيءُ واحد اوپن جيل آهي، جنهن جو بنياد 1960ع ۾ ٺٽي ۾ پيو، جيڪو بعد ۾ ڊسمبر 1962ع ڌاري بدين جي ”ولاسي“ علائقي ۾ منتقل ڪيوويو، ان وقت بدين حيدرآباد ضلعي ۾ هو. جيل بدين'>اوپن جيل بدين قائم ٿيڻ وقت حڪومت طرفان جيل لاءِ 2600 ايڪڙ زمين ڏني وئي، جنهن بعد ٻيا 600 ايڪڙ پڻ زمين به مقاطعي تي حاصل ڪئي وئي. ڪکاين جهوپڙين تي مشتمل هن جيل ۾ هڪ قطار ۾ اٺ جهوپڙيون ۽ ٻي قطار ۾ ٻارنهن جهوپڙيون آهن. جيڪي سڀ هڪ جهڙيون آهن، پر هڪڙين کي آفيسن جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ ٻين کي آفيسرن جي رهائش گاهه ۽ ٽين کي بئرڪون چيو وڃي ٿو، جيل موڪلڻ وقت قيديءَ کان سندس مذهبي ڪتاب تي قسم ورتو ويندو آهي ته هو کليل جيل ۾ وڃڻ کانپوءِ پنهنجي سزا پوري ڪندو ۽ ڪيڏانهن نه ڀڄندو. اهڙيءَ طرح قسم وٺڻ کانپوءِ کين کلئي جيل جي حوالي ڪيو ويندو آهي. قيدي هن قسم جي جيل ۾ آزاد گهمن ٿا، مٿن ڪو پهريدار نه هوندو آهي. جيل ۾ زمين آباد ڪرڻ لاءِ حڪومت طرفان ”سومرا شاخ“ نالي هڪ واهه کوٽرايو ويو، جنهن مان جيل جي زمين کي آباد ڪيو ويندو آهي. هن جيل جي قيدين کان هارپي جي مشقت ورتي ويندي آهي. سڄو ڏينهن قيدي آزاديءَ سان گهمندا ۽ پنهنجي مرضيءَ سان ڪم ڪندا آهن. شام جو هڪ ڇپر ۾ ڪٺا ٿيندا آهن، جتي روايتي طور قيدين جو ٽوٽل ڪيو ويندو آهي. جيل جي شروعاتي ڏينهن ۾ قيدين جو انگ 500 کان وڌيڪ هوندو هو، جيڪو وقت به وقت گهٽ ٿيندو ويو. هتي انتظام خاطر 20 سپاهي مقرر ٿيل آهن. هي جيل جنهن جي عملي ۾ هڪ سپرنٽينڊنٽ، هڪ جيلر، چار هيڊ وارڊ (جمعدار)، هڪ ڊاڪٽر، هڪ ڪمپائونڊر، ٽي ڪلارڪ، هڪ ٽريڪٽر ڊرائيور، هڪ جنريٽر آپريٽر، هڪ استاد، هڪ مذهبي استاد ۽ هڪ جيپ ڊرائيور شامل آهي. هيءُ جيل 1999ع ۾ حيدرآباد جي اڳوڻي جيل سپرنٽينڊنٽ ميجر کوسي جي مبينا ڪوششن سان بند ڪيو ويو. پر اڃا تائين اتي انتظاميه مقرر آهي. هن قسم جو جيل پنجاب صوبي جي بوريان والا ۾ پڻ هو، جيڪو پڻ بند ٿي ويو آهي.


لفظ اوپن جيل بدينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو