داخلا نمبر 2916
عنوان اي اي ابڙو ڊاڪٽر
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 178 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

اي اي ابڙو ڊاڪٽر

اي. اي. ابڙو، ڊاڪٽر: مهراڻ يونيورسٽيءَ جو سابق وائيس چانسلر. ڊاڪٽر عبدالاحد ابڙو ولد حاجي پير محمد ابڙو دادوءَ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم دادوءَ مان ورتائين. هو پهريون وائيس چانسلر هو، جنهن سنڌ يونيورسٽيءَ جي انجنيئرنگ ڪاليج مان، 1968ع ۾، سول انجنيئرنگ ۾ گرئجوئيشن ڪئي.
ڊاڪٽر صاحب کي تعليمي ميدان ۾، خدمتون انجام ڏيڻ ۽ پنهنجي پيشي سان سچائي ۽ سخت محنت عيوض، اسلامي جمهوريه پاڪستان صدر طرفان، 1989ع ۾، ستاره امتياز سان نوازيو ويو. 1987ع ۾، وائيس چانسلر جون ذميواريون سنڀالڻ کان پوءِ، سندس ڪاوشن سان، مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾، ”اسٽوڊنٽس ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي“ قائم ڪئي وئي، جنهن ذريعي ڪئمپس ۾، نصابي ۽ غيرنصابي سرگرمين کي ترقي ڏيارڻ ۾ وڏي هٿي ملي. نرم دلي، بهتر رويي ۽ سٺي ايڊمنسٽريٽر هئڻ ڪري پاڻ استادن ۽ شاگردن جي محبوب شخصيت هو.
ڊاڪٽر صاحب، يونيورسٽيءَ ۾، سول انجنيئرنگ شعبي جو چيئرمئن، فئڪلٽي آف انجنيئرنگ ۽ فئڪلٽي آف ٽيڪنالاجي جي ڊين ۽ ٻين عهدن تي پڻ خدمتون انجام ڏئي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو