اي ٽرپ ٽ آمريڪا

اي ٽِرپ ٽُ آمريڪا (سفرنامو ):محمد انور بلوچ، ٻيلي کاتي ۾ آفيسر آهي. هو ان سلسلي ۾ ٽريننگ لاءِ سرڪاري خرچ تي آمريڪا ويو هو ۽ واپسيءَ تي ”اي ٽرپ ٽُ آمريڪا“ جي نالي سان سنڌيءَ ۾ سفرنامو لکيو هئائين. سفرنامي ۾ هن آمريڪا جي سير سفر کان سواءِ اها جديد زرعي ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا هن آمريڪا ۾ ڏٺي ۽ سمجهي هئي. هيءُ ڪتاب آبادگارن لاءِ پڻ ڏاڍو ڪارائتو آهي. جنهن جو پهريون ڇاپو، مارچ 1996ع ۾ ”سچائي ڪتاب گهر“ دڙي مان ڇپيو. جيڪو يوسف سنڌيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جو ملهه هڪ سئو رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو