داخلا نمبر 2895
عنوان اي .آر ملڪ ڊاڪٽر
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 444 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
اي. آر ملڪ

اي. آر ملڪ

اي .آر ملڪ ڊاڪٽر

اي. آر. ملڪ، ڊاڪٽر: تعليمي ماهر، استاد ۽ محقق، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرحيم ملڪ، گهوٽڪيءَ ۾ 25 فيبروري 1941ع تي حاجي ڪريم بخش ملڪ جي گهر ۾ ڄائو. 1964ع ۾ بي. ايس سي ۽ 1965ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. ايس سي ڪرڻ بعد، ساڳي ئي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. پڙهائڻ سان گڏوگڏ 1970ع ۾ سڊني يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. ڪيترائي مضمون ۽ ڪتاب پڻ لکيا اٿس، جن ۾ ”دنيا جا قدرتي خطا“، ”بياباني ٻوٽا“، ۽ ”سامونڊي ٻوٽا“ مشهور آهن. ان کان سواءِ سندس ڪيترائي تحقيقي مضمون ڇپجي چڪا آهن. خيرپور ضلعي ۾ ”مينهن کان کجيءَ جي وڻن جي بچاءُ“ ۽ ”بياباني ٻوٽن جي مطالعي“ بابت ٻه وڏا تحقيقي ڪم سندس نگرانيءَ ۾ پورا ٿيا. جڏهن ته گهوٽڪيءَ ۾ سندس نگرانيءَ هيٺ ”ملڪ ايڊيوڪيشن سوسائٽيءَ“ طرفان ٻه ادارا ”اماره ماڊل هاءِ اسڪول“ ۽ ”اماره ايڊيوڪيشن ڪاليج“ قائم ڪيا ويا. پاڻ نئشنل بوڪ فائونڊيشن جو ڊائڪريٽر (79- 1973ع)، چيئرمئن مائڪرو بايولاجي (73-1972ع)، ڊائريڪٽر فئڪلٽي آف سائنسز، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۽ ٻين عهدن تي رهي چڪو آهي.
ڊاڪٽرصاحب اين. بي. ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان نيوزلئنڊ، جاپان، سنگاپور ۽ ٻين ملڪن جو دورو پڻ ڪري چڪو آهي. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ وائيس چانسلر جي حيثيت سان خدمتون به سرانجام ڏئي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1941.02.25  عيسوي


پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرحيم ملڪ ، گهوٽڪيءَ ۾ 25 فيبروري 1941ع تي ڄائو   عيسوي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون