داخلا ؛ 2918
پڙهيو ويو ؛ 6193
پسند ڪيو ويو ؛ 45
تاريخ ؛ 2012-03-16


تصويرون


shaikh ayaz5.jpeg
شيخ اياز
شيخ اياز

shaikh ayaz3.jpeg
شيخ اياز
شيخ اياز

shaikh-ayaz.jpg
شيخ اياز
شيخ اياز

shaikh-ayaz2.jpg
شيخ اياز
شيخ اياز



ٽائيم لائين

1923.03.02-A.D
سنڌ جي هن وڏي شاعر جو اصل نالو شيخ مبارڪ علي هو ، پر شعر ۽ ادب جي دنيا ۾ هو ’ اياز ‘ جي نالي سان مقبول ٿيو . هن 2 مارچ 1923ع تي سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور ۾ جنم ورتو ،

1946.04.01-A.D
گوبند مالهيءَ اپريل 1946ع ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو بنياد وڌو ته شيخ اياز ۽ بِهاري لال ڇاٻڙيا سنگت جا پهريان جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيا ويا

1954.00.00-A.D
1954ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي نئين سر تشڪيل ٿي ۽ محمد ابراهيم جويي جهڙو سڄاڻ اديب ۽ نقاد سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ۽ بورڊ پاران نڪرندڙ رسالي ” مهراڻ “ جو ايڊيٽر ٿيو .

1997.12.28-A.D
شيخ اياز: هن عظيم شاعر 28 ڊسمبر 1997ع تي وفات ڪئي . سندس آخري آرامگاهه ڀٽ شاهه ۾ ، ڪراڙ جي ڪپ تي واقع آهي .




sindhianaسنڌيانا--اياز شيخ مبارڪ علي

ٽائيٽل ؛ اياز شيخ مبارڪ علي


شاخ : شاعر

اياز، شيخ مبارڪ علي: جديد سنڌ، ويهين صديءَ ۾ سنڌي شاعريءَ جي ميدان ۾ جيڪي وڏا شاعر پيدا ڪيا، -تن- ۾ شيخ -اياز- جو نالو سڀني کان مٿانهون آهي. اياز، سنڌي شاعريءَ جي ماضيءَ جو تسلسل، حال جو ترجمان ۽ مستقبل جو رهبر شاعر آهي، هن سنڌي شاعريءَ جي بيٺل تلاءَ ۾ تحرڪ پيدا ڪري، -ان- ۾ زندگي، جدت ۽ ندرت پيدا ڪئي.
سنڌ جي هن وڏي شاعر جو اصل نالو شيخ مبارڪ علي هو، پر شعر ۽ ادب جي دنيا ۾ هو ’اياز‘ جي نالي سان مقبول ٿيو. هن 2 مارچ 1923ع تي سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور ۾ -جنم- ورتو، سندس والد جو نالو شيخ غلام حسين ۽ ڏاڏي جو نالو شيخ عبدالحڪيم عرف بنگل شيخ هو، جيڪو شهر جي معزز ماڻهن ۾ شمار ٿيندو هو ۽ سندن -پاڙو- بنگل پاڙو، سڏبو هو. شيخ -اياز- جو خاندان -بکراڻي- آهي. شيخ -اياز- ثانوي -تعليم- تائين شڪارپور ۾ پڙهيو. انٽرميڊئيٽ پڻ شڪارپور جي سي ائنڊ -ايس- ڪاليج مان 1942ع ۾ ڪيائين. 1944ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ بي. اي جو امتحان پاس ڪري 1945ع ۾ ايل. ايل. بي ۾ داخلا ورتائين. ڪاليج جي -تعليم- دؤران ڪاليج مئگزين جو -ايڊيٽر- به رهيو. هن ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي رهبريءَ ۾ پي.ايڇ. ڊي ڪرڻ چاهي، پر ڊاڪٽر صاحب جي ديهانت سبب مڪمل نه ڪري سگهيو. 1950ع ۾ ايل. ايل. بي کان پوءِ وڪالت شروع ڪيائين ۽ سنڌ جي نامور وڪيلن ۾ شمار ٿيو. شيخ -اياز- سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي بانيڪارن مان هو، هن 1945ع ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رهبريءَ ۾ هلندڙ ’سنڌي سرڪل‘ جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪئي ۽ جڏهن گوبند مالهيءَ -اپريل- 1946ع ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو بنياد وڌو ته شيخ -اياز- ۽ بِهاري لال ڇاٻڙيا سنگت جا پهريان جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيا ويا. شيخ -اياز- شڪارپور ضلعي ۾ به سنگت کي منظم ڪيو، -ان- کان سواءِ’ انجمن -ترقي- پسند مصنفين‘ سان به وابسته رهيو. ورهاڱي کان پوءِ ’پاڪستان رائٽرز گلڊ‘ ۽ سائين جي. ايم. سيد جي قائم ڪيل ’بزم صوفياءِ سنڌ‘ سان به گهري لاڳاپي ۾ رهيو.
شيخ -اياز- ٻاراڻي وهيءَ ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي ۽ سندس پهريون نظم يارهن سالن جي عمر ۾ ڇپيو هو. شيخ -اياز- شاعريءَ سان گڏ ڪهاڻيون به لکيون، سندس ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب ’سفيد وحشي‘1946ع ۾ ڇپيو.
ورهاڱي جي تاريخي سانحي ۾ شيخ -اياز- جا اڪثر دوست نارائڻ شيام، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، اي.جي. اتم، -بهاري لال- ڇاٻڙيا، موتي رام رامواڻي، ايڊووڪيٽ امر لال پنجواڻي، ڊاڪٽر -ارجن شاد- ۽ ٻيا ڀارت هليا ويا ۽ ورهاڱي جي هن ڪاري وار شيخ -اياز- جي ذهن تي وڏو اثر وڌو. سنڌي اديبن جو وڏو حصو ڀارت هليو وڃڻ سبب شيخ -اياز- -اردو- اديبن جي صحبت ۽ محفلن ۾ وڃڻ شروع ڪيو. سندس -اردو- شاعريءَ جو اڳيئي وسيع مطالعو هو، -ان- ڪري هن اردوءَ ۾ شاعري شروع ڪئي، جنهن -اردو- شاعرن وٽ وڏو مقام حاصل ڪيو. سندس -اردو- شاعريءَ جو پهريون مجموعو ”بوءِ گل نالئه دل“، 1954ع ۾ ئي پروفيسر آفاق صديقيءَ جي پيش لفظ سان ڇپجي پڌرو ٿيو. 1954ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي نئين سر تشڪيل ٿي ۽ محمد ابراهيم جويي جهڙو سڄاڻ اديب ۽ نقاد سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ۽ بورڊ پاران نڪرندڙ رسالي ”مهراڻ“ جو -ايڊيٽر- ٿيو. جويي صاحب، شيخ -اياز- جي ڏات کي پرکيندي، کيس مشورو ڏنو ته هو -اردو- شاعريءَ بدران سنڌي شاعريءَ کي -جاري- رکي، ڇو ته هو پنهنجي ڏات کي منطقي نتيجي تي صرف سنڌيءَ ۾ ئي پهچائي سگهي ٿو. ’مهراڻ‘ جي 1955ع جي پهرئين پرچي ۾ جويي صاحب ’اسان جي شاعر جا خط‘ عنوان هيٺ شيخ -اياز- جا ڏانهس لکيل خط ۽ -اياز- جي بيتن واري شاعري شايع ڪئي، ۽ ائين اياز، اداسيءَ ۽ مايوسيءَ جي ماحول مان ٻاهر نڪري آيو. -ان- بعد -اياز- جي ڏات جي ڪرشمي نه رڳو سنڌ، پر دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو ۽ هو وقت جو وڏي ۾ وڏو شاعر ٿي اڀريو. هن جي شاعري ته باڪمال آهي، پر سندس نثر جو اسلوب ۽ -ٻولي- به اعليٰ درجي جي آهي. -اياز- جا زندگيءَ جي آخري پساهن تائين لڳاتار شاعريءَ ۽ نثر جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجندا رهيا، -جن- جو تفصيل هن ريت آهي:
(1). ”ڀَونر ڀِري آڪاس“ (شاعري: 1962ع)
(2). ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙين“ (خط ۽ نوٽ بوڪ جا ٽڪرا: ڊسمبر 1962ع)
(3). ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ (شاعري: 1963ع)
(4). ”اڪ جون ڦلڙيون، ڀيڄ ڀيني“ (نثري شاعري: 1965ع-ايوبي مارشل لا ۾ هي ڪتاب ڇپجڻ جي باوجود منظر عام تي نه اچي سگهيو ۽ هي ڪتاب ٻيهر 2000ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو)،
(5). ”ڪي جو -ٻيجل- ٻوليو“ (شاعري: 1970ع)
(6). ”وڄُون وسڻ آئيون“ (شاعري: 1973ع)
(7). ڪَپر ٿو ڪُن ڪري“ (شاعري: 1975ع)
(8). ”لڙيو سج لڪن ۾“ (شاعري: 1980ع)
(9). ”پتڻ ٿو پُور ڪري“ (شاعري: 1982ع)
(10). ”جڳ مڙوئي سپنو“ (آتم ڪٿائي يادون: 1985ع)،
(11). ”چنڊ چنبيليءَ ول“ (شاعري: 1985ع)
(12). ”پن ڇڻ پڄاڻان“ (شاعري: 1985)
(13). ”ٽڪرا ٽٽل صليب جا“ (شاعري: 1985ع)
(14). ”رڻ تي رم جهم“ (شاعري: 1986ع)
(15). ”ڀڳت سنگهه کي ڦاسي“ (سنگيت ناٽڪ: 1986ع)
(16). ”ساهيوال جيل جي ڊائري“ (مئي: 1986ع)
(17). خط، انٽرويو، تقريرون“ (جلد پهريون: -جولاءِ- 1987ع)
(18). ”اڪن نيرا ڦليا“ (شاعري: 1988ع)
(19). ”ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون“ (يادون: فيبروري 1989ع)
(20). ”خط، انٽرويو، تقريرون“ (جلد ٻيو: -اپريل- 1991ع)
(21). ”هينئڙو ڏاڙهونءَ گل جيئن“ (شاعري: 1991ع)
(22). ”الوداعي گيت“ (شاعري: 1991ع)
(23). ”ننڊ وليون“ (شاعري: 1992ع)
(24). ”ڪَتين ڪرموڙيا جڏهن“ (ڀاڱو پهريون، شاعري: 1992ع)
(25). ”ڪَتين ڪرموڙيا جڏهن“ (ڀاڱو ٻيو: 1992ع)
(26). ”جر ڏيئا جهمڪن“ (شاعري: 1993ع)
(27). ”سرلوهيڙا ڳڀيا“ (شاعري: 1993ع)
(28). ”سورج مکي سانجهه“ (شاعري: 1993ع)، (29). ”ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون“ (شاعري: 1993ع)
(30). هرڻ اکي ڪيڏانهن“ (شاعري: 1994ع
(31). ”تون ڇپر تون ڇانوَ“ (شاعري: 1995ع)
(32). ”چنڊ ڳليون“ (شاعري: 1995ع)
(33). ”گهاٽ مٿان گهنگهور گهٽا ۾“ (شاعري: 1996ع)
(34). ”سانجهي سمنڊ سپون“ (شاعري: 1996ع)
(35). ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (آتم ڪٿا: جلد پهريون: 1995)
(36). ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (جلد ٻيو: -آڪٽوبر- 1996ع)
(37). ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (جلد ٽيون: نومبر 1997ع)
(38). ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (جلد چوٿون: -آگسٽ- 1998ع)
(39). ”ڪونجون ڪرڪن روهه تي“ (شاعري: 1997ع)
(40). ”ڪاري رات ڪُهنگ“ (شاعري: 1998ع)
(41). ”مينهن ڪڻيون“ (شاعري: 1999ع)
(42). ”وڏا وڻ وڻڪار جا“ (تاجل بيوس سان گڏ شاعري: 1997ع)
(43). ”اٿي -اور- -الله- سان“ (شاعري: -جنوري- 1998ع)
(44). ”اڳتي قدم“ (2001ع:شيخ -اياز- آگسٽ، سيپٽمبر ۽ -آڪٽوبر- 1947ع ۾ ’اڳتي قدم‘ ماهوار جا 3 پرچا ڪڍيا هئا، -جن- کي گڏ ڪري نئين ترتيب سان محمد ابراهيم جويي 2001ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو)
(45). ”جي -تند- برابر توريان“ (ڪهاڻيون: شيخ -اياز- جون ’سفيد وحشي‘ ۽ ’پنهل کان پوءِ‘ عنوان سان ڪهاڻين جي مجموعن ۽ -ان- کان ٻاهر رهجي ويل ڪهاڻيون، -انور- فگار هَڪڙي ترتيب ڏئي ڇپائي پڌريون ڪيون)
(46). ”پکي ساڳي -پار- جا“ (تاجل بيوس سان گڏ:2004ع).
شيخ -اياز- جي پهرين ٻن شعري مجموعن ’ڀَؤنر آڪاس‘، ’ڪلهي پاتم ڪينرو‘ ۽ هڪ نثري ڪتاب ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ تي ايوبي آمريت بندش وڌي هئي، ۽ اها پابندي شيخ -اياز- جي آخري عمر ۾ ختم ٿي. شيخ -اياز- جي شاعريءَ ۽ نثر کي 22 جلدن جي صورت ۾ -ثقافت- ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ ڇپائڻ جو پروگرام رٿيو آهي، جنهن جا پهريان ٽي جلد -آگسٽ- 2009ع تائين ڇپجي چڪا آهن، جيڪي -تاج- جويي ترتيب ڏنا آهن. -جن- ۾ -اياز- جي شاعريءَ جا 13 ڪتاب اچي ويا آهن، ٻيا جلد تياريءَ هيٺ آهن. سندس -اردو- شاعريءَ جو ’بوءِ گل نالئه دل‘ کان پوءِ ٻيو مجموعو ”نيل ڪنٺ -اور- نيل ڪي پتي“ 1988ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس سنڌي شاعريءَ کي فهميده رياض اردوءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو آهي، جيڪو ”حلقه ميري زنجير ڪا“ نالي سان 1974ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو ۽ سندس شاعريءَ جو پنجابي منظوم ترجمو مشهور دانشور ۽ شاعر -احمد سليم- ڪيو، جيڪو پڻ -انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي- 1976ع ۾ ڇپيو، -اياز- جي سمورن غزلن کي نوجوان شاعرن- اسحاق سميجي ”گيڙو ويس غزل“(2004ع) ۽ بخشل باغي”هي روح جزيرو حيرت جو“ (2004ع)جي نالي سان ڇپايو.
شيخ -اياز- پنهنجي قومي ۽ مزاحمتي شاعريءَ جي ڪري، جيل ياترا به ڪئي، رجعت پسندن مٿس ڪفر ۽ -بغاوت- جا الزام به هنيا ۽ ڪيترا ڪيس پڻ ڪيا. -ان- سلسلي ۾ ”ادب ڪِي آڙ مين“ جي نالي سان هڪ ڪتاب لکي سڄي جديد سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي خلاف ۽ خصوصاً شيخ -اياز- خلاف -باهه- ٻاري وئي، جنهن جي جواب ۾ برک دانشور رسول بخش پليجي ”انڌا اونڌا ويڄ“، مولانا غلام محمد گراميءَ ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر رجحانات“۽ محمد ابراهيم جويي جي رهنمائيءَ ۾ قاسم -پٿر- ”ادب ڪي نام پر“ ڪتاب لکي کين جواب ڏنا.
شيخ -اياز- قديم توڙي جديد شعري صنفن تي ڀرپور گرفت رکندو هو، پراڻين شعري صنفن کي ٻوليءَ توڙي اسلوب جي نواڻ بخشيائين ۽ منجهن ڪيترائي تجربا به ڪيائين. سنڌي ڪلاسيڪي -بيت- ۽ وائيءَ کي جديد رنگ ۽ آهنگ ڏنائين. عروضي وائيءَ لکڻ جو پهريون ڪماياب تجربو به -اياز- ڪيو ۽ -ان- کان علاوه ڪافي نيون صنفون پڻ متعار ڪرايائين، -جن- ۾ آزاد نظم، نثري نظم ،هائيڪو، ڏيڍ سٽا ۽ ڇهه سٽا وغيره شامل آهن. اهڙي نموني پاڻ اندازاً وِيهن کان مٿي شعري صنفن ۾ ڪلام چيو اٿس.
سنڌي شاعريءَ کي نج ٻوليءَ ۽ مقامي ماحول عطا ڪرڻ ۾ سندس وڏو هٿ آهي، اهو ئي سبب آهي، جو سنڌي شاعريءَ جي جديد دور ۾ وڌ کان وڌ مڃتا شيخ -اياز- ئي ماڻي. شيخ -اياز- جي ڪلام جو ڪجهه حصو هنديءَ، اردو، سرائيڪي، پنجابي، فرينچ، جرمن ۽ انگريزيءَ ۾ پڻ ترجمو ٿيو آهي. سندس شاعريءَ جي -انگريزي- ترجمي تي مشتمل هيٺيان چار ڪتاب ڇپجي پڌرا
ٿيا آهن.
1. THE STORMS CALL FOR PRAYERS. (Translation from Sindhi by: Asif Farukhi & Shah Muhammad Pirzada: 1999).
2. IMMORTAL POETRY OF SHAIKH AYAZ (Translated by: J.M Girglani: 2003).
3. SONGS OF FREEDOM, (Translated by: Saleem Noor Hussain: 2003).
4. ON THE BANK OF INDUS. (Translated by: Professor Latif Noonari: 2006).
نوٽ: J.M Griglani جي ترجمي جو ٻيو ڇاپو شيخ -اياز- چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور طرفان 2007ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي.
شيخ -اياز- جي شاعري فڪري حوالي سان ٻن دورن / لاڙن تي مشمتل آهي. پهريون دور -ترقي- پسند، قومپرستيءَ ۽ جديد فڪر جي نمائندگي ڪندڙ آهي ۽ ٻيو دور -بين- الاقواميت، ويدانت يا -تصوف- جو نمونو پيش ڪري ٿو. اهي ٻئي رجحان عملي طور سندس زندگيءَ جي روين مان به جهلڪن ٿا، جو پهرئين دور ۽ پوئين دور ۾ منجهس نمايان تبديليون نظر اچن ٿيون. جنهنڪري اڄ توڙي سڀاڻي جي ادبي حلقن ۾ تعريفي ۽ تنقيدي، ٻنهي حوالن سان گفتگو جو موضوع بڻيل رهندو.
جهڙيءَ طرح شيخ -اياز- شروعاتي دور ۾ پاڻ ڪجهه عرصو ادبي رسالي ”اڳتي قدم“ جو -ايڊيٽر- رهيو، تهڙيءَ طرح پوئين دور ۾ ڪجهه وقت سنڌي -اخبار- ’برسات‘ جو پڻ -ايڊيٽر- رهيو. -ان- ريت صحافت جي شعبي ۾ به حصيدار بڻيو. اخباري ڪالم ۽ -اخبار- ۾ ڇپجندڙ سندس دعائون، سندس فڪري تبديليءَ جون شاهد آهن.
شيخ -اياز- بابت نصير مرزا، جامي چانڊيي، ملڪ نديم، -آغا- سليم، -انور- فگار هَڪڙي، هدايت پريم، گُرڏني گانگاڻيءَ ڪتاب ڇپرايا آهن، جڏهن ته -تاج- جويي پڻ هيٺيان چار ڪتاب ڇپايا آهن:
1. ”جر ۾ ٿو جرڪان (1999ع)، (2). ”مان ورڻو هان مان ورڻو هان“ (2000ع)، (3). ”ساميءَ ويس سلوڪڙا“ (2002ع)، ۽ (4). ”آءُ درازا هل“ (2007ع).
شيخ -اياز- ٻه شاديون ڪيون، -جن- مان کيس چار پٽ ۽ چار نياڻيون ٿيون. پنهنجي زندگيءَ جا آخري سال ڪراچيءَ جهڙي مصروف شهر ۾ انتهائي اڪيلائپ جي ڏکوئيندڙ احساس ۾ گذاريائين. دوستن کان ڌار، دل جي بيماريءَ ۾ مبتلا هوندي به آخري دم تائين لکندو رهيو. هن عظيم شاعر 28 ڊسمبر 1997ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ڀٽ شاهه ۾، ڪراڙ جي ڪپ تي واقع آهي.
WIKIPEDIA http://en.wikipedia.org/wiki/Shaikh_Ayaz




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -اياز شيخ مبارڪ علي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

اياز شيخ مبارڪ علي - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شاعر - موضوع جون ٻيون داخلائون-
باغي حليم
بائرن
آثم ناٿن شاهي
بچل
بخشڻ شاهه
بدر شاهه
بدر قريشي
ٻڍل فقير
ٻڍڙو فقير
ٻال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج
ارشاد عباسي
ارشد هالائي
ارم محبوب
استاد بخاري
اسحاق آهنگر
اسحاق راهي
اسحاق سميجو
اسد الله شاهه بيخود حسيني
اسد بيگ اسد مرزا
اسد چاچڙ
اسلم خيال
اسلم عباسي
اسماعيل اداسي
اسير ملاح
اطهر منگي
اعجازالحق قدوسي
افتخار عارف
افضل قادري
اقبال رند
اقبال شينو
اقبال علامه ڊاڪٽر
اصغر سائين
اڪبر ساگر
اڪرام ساگر عباسي
الانا جِي
بردو سنڌي
الطاف عباسي
الطاف ملڪاڻي
برڪت بلوچ
الهه بخش سرشار عقيلي
الهنواز نواز رُڪڻائي
الهورايو اُداسي بِهڻ
الياس عِشقِي ڊاڪٽر
ابراهيم خليل
ابراهيم خليل ڊاڪٽر
ابراهيم منشي
امام بخش خادم
امام علي شاهه
آخوند عبدالرحمان چانڊيو
امداد جتوئي
امداد جعفري
امداد حسيني
آخوند عبدالقادر بيدل
امر اقبال
آخوند فقير محمد عاجز
امر ساهڙ
ابو البقا ملا ٺٽوي
آخوند گل محمد ھالائي خليفو
بسمل ٽکڙائي
آخوند لطف الله لطف قريشي
بسنت ڪمار رائچنداڻي
بشير احمد بشير
آخوند محمد قاسم هالائي
ابو طالب اعواڻ قطب شاھي
اٽل مل بينام
آدم هنڱورجو
اميد خيرپوري
اميد علي ڪلهوڙو
اميد علي لغاري
امير بخاري
اميربخش امير قريشي
امير بخش نظر سنڌي
امير خسرو
امين محمد ثاني هالائي مخدوم
احسان علي
احسان فقير لانگاهه
احسن الهاشمي
احسن حافظ محمد چنا
احمد بخش احمد مورائي
احمد بخش بدوي
احمد خان اختر
احمد خان گلزار
احمد خان مدهوش
احمد سليم
احمد سولنگي
احمد علي شاهه
احمد فراز
بشير بيوس اوٺو
احمد ملاح مولوي
بشير سيتائي
اختر انصاري اڪبرآبادي
اختر درگاهي
انجم هالائي
ادراڪي بيگلاري
بکر شيخ
آري فقير چانڊيو
آزاد بخاري
آزاد محمد رمضان
ارجن حاسد
ارجن سڪايل


.....شاعر موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن