داخلا نمبر 2904
عنوان اياز عالم ابڙو
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 1422 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
اياز عالم ابڙو

اياز عالم ابڙو

اياز عالم ابڙو

اياز عالم ابڙو: اياز عالم، سنڌ جو نامور چترڪار، وڊيو گرافر، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ محقق آهي. هن 3 مئي 1950ع تي قنبر علي خان، ضلعي لاڙڪاڻي ۾، نامياري چترڪار ۽ استاد محمد عالم ابڙي جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد مان 1966ع ۾ پاس ڪيائين.
کيس چترڪاري ۽ فوٽوگرافي ورثي ۾ ملي. ٻالڪپڻ ۾ ئي ادبي ميدان ۾ قدم رکيائين. ڊرامي جي دنيا ۾ اسٽيج، ريڊيو ۽ ٽي ويءَ لاءِ ڪيترائي ڊراما لکيائين. سندس ٽي. وي ڊرامن ۾ ’ڏات جي ڏيهه ۾‘، ’گهايل مرڪ‘، ’پنهنجا پنهنجا سپنا‘، ’ڪُن ۽ ڪنارا‘ ۽ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي زندگيءَ تي لکيل ڊرامو ’انت بحر‘ مشهور ٿيا. سندس ريڊيو ڊرامن ۾ ’سوڀارو سانول‘، ’انت بحر‘ ۽ ٻيا تمام گهڻو پسند ڪيا ويا. تحقيقي ميدان ۾ اياز عالم، سنڌ جي پسمنظر ۾ ريڊيو ۽ ٽي ويءَ لاءِ ڪيتريون ئي فلمون ۽ دستاويزي پروگرام تيار ڪيا. 1982ع ۾ سندس تيار ڪيل دستاويزي فلم ’ميربحر‘ کي جرمنيءَ جي عالمي فيسٽيول ۾، اسڪرپٽ جي بنياد تي پهريون انعام مليو. سنڌ جي پسمنظر ۾ دستاويزي فلمن جا ڪيترائي اسڪرپٽ مڪمل ڪري چڪو آهي، جن کي وڊيو رڪارڊنگ ڪري محفوظ ڪرڻ چاهي ٿو. هيءُ اٺ سال ميونسپل هاءِ اسڪول قنبر علي خان ۾ آرٽس ۽ ڪرافٽس ٽيچر رهيو. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي آڊيوويوئل سيڪشن ۾ فوٽوگرافر ۽ وڊيوگرافر طور 5 سال خدمتون سرانجام ڏنائين. سنڌي روزاني ”الک“حيدرآباد ۾ 2 سال آرٽسٽ طور ڪم ڪيائين .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.05.03  عيسوي


اياز عالم ابڙي 3 مئي 1950ع تي قنبر علي خان ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو   عيسوي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون