داخلا ؛ 2914
پڙهيو ويو ؛ 748
پسند ڪيو ويو ؛ 15
تاريخ ؛ 2012-03-16


تصويرون


Ayaz-Latif-Palejo.jpg
اياز لطيف پليجو
اياز لطيف پليجو



ٽائيم لائين

1965.11.15-A.D
اياز لطيف پليجو 15 نومبر 1965ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو




sindhianaسنڌيانا--اياز لطيف پليجو

ٽائيٽل ؛ اياز لطيف پليجو


شاخ : سياستدان

اياز لطيف پليجو: نئين ٽهيءَ جو نوجوان نثر نگار، شاعر ۽ عوامي تحريڪ جي سرواڻ رسول بخش پليجي جو پُٽ، -اياز لطيف پليجو- 15 نومبر 1965ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو هو. بي. اي، ايل. ايل. بي، ايم. ايس. سيءَ، انوائرونمينٽ ۽ ڊولپمينٽ ۾ گريجوئيشن پڻ ڪيل اٿس. هي نوجوان حوصلي مند وڪيل آهي. ماحوليات ۽ انساني حقن جي شعبي ۾ جاکوڙيندو رهي ٿو. -اياز- لطيف پليجو، نئين ٽهيءَ جي نثرنگارن ۽ شاعرن ۾ هڪ منفرد حيثيت رکي ٿو، گڏوگڏ هيءُ سٺو ڪالم نگار ۽ تجزيي ڪار پڻ آهي. سندس شاعري ۽ ليک، سنڌ جي اڪثر رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. مختلف موضوعن تي سندس 5 ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جيڪي هيٺ ڏجن ٿا: (1) ”ٽي مسافر، ٽي شهر“ (سفر نامو)، (2) ”سارون، سپنا، آزادي“، (3) ”دنيا پنهنجي، ديس پرايا“ (سفرنامو) ۽ (4) ”باک جي ساک“ (سفرنامو) (5) ”قانون سڀني لاءِ“ (قانوني ڄاڻ) (6) قانون ۽ انصاف.
هيستائين دنيا جي پنجن کنڊن جي اهم يونيورسٽين ۾ انساني حقن، اقليتن، عورتن ۽ سنڌ جي پاڻيءَ واري ڪيس بابت ڪيترا پيپر پيش ڪري چڪو آهي. لاڪاليج حيدرآباد ۾ پڙهائيندو به آهي. هي نوجوان سنڌ ۾ انساني حقن جي جدوجهد ۾ پنهنجن همعصرن ۽ همعصر وڪيلن کان وڌيڪ وقت ڏيندڙ ۽ تجربيڪار وڪيل آهي. -ان- ڏس ۾ حيدرآباد جي شهرين کي زهريلي پاڻيءَ جي فراهمي، ناجائز روڊ ٽيڪس، صغير قيدين، پسند جي شادين، معذورن جي اسڪول ۽ اقليتن جي اغوائن خلاف ڪيترائي ڪيس کٽي چڪو آهي. موسيقي، سياحت، شاعري، سياست ۽ تيراڪي هن جا پسنديده مشغلا آهن .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -اياز لطيف پليجو- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

اياز لطيف پليجو - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سياستدان - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بجاراڻي هزار خان
بچاڻي شمشاد بيگم
اسد سڪندر ملڪ
اسد عابد قاضي
اسفند يار ولي
اسماعيل راهو
اصغر خان
اعجاز جکراڻي
اعجاز علي خان ٽالپر
اعجاز علي خان جتوئي
اعجاز علي شاهه شيرازي
اعزاز نظير ڊاڪٽر ڪامريڊ
اڪرام الله ڌاريجو
الاهي بخش پير
الاهي بخش سومرو
الطاف حسين
برڪت علي آزاد ڪامريڊ
الهه بخش سومرو شهيد
بروهي جان محمد
آچاريه ڪرپالاڻي
ابڙو تاج محمد
امام علي نازش ڪامريڊ
امجد شاهه جيلاني
امداد علي اعواڻ
امداد علي پتافي
بشير احمد خان لغاري
آدم خان رند
امير بخش ڀٽو
امير حيدر ڪاظمي
امير علي شاهه پير
امين فهيم مخدوم
احمد علي خان جلباڻي
احمد علي مجذوب
بشير خان قريشي
اختر حسين جدون
بقادار شاهه سيد
اختر علي جي قاضي
اختر مينگل
آڏواڻي لال ڪرشن
اندرا گانڌي
آرائين طارق مسعود
انڙ غلام رسول
آريسر عبدالواحد
بگٽي، اڪبر خان
ارباب ذڪاءُ الله
ارباب ذوالفقار علي
ارباب غلام رحيم
ارباب وزير احمد
انور احمد خان مهر
ايشور داس
اياز سومرو
اياز لطيف پليجو
اي ايم قريشي
بلاول ڀٽو زرداري
ايوب کهڙو
آصف بالادي
آصف علي زرداري
آنند هنڱوراڻي
آغا بدرالدين دراني
آغا تيمور خان پٺاڻ
بينظير ڀٽو شهيد
آغا سراج خان دراني
آغا شاھي
بلوچ ڊاڪٽر عبدالحئي
آفتاب شاهه جيلاني
آفتاب شعبان ميراڻي
آفتاب شيرپائو
بلوچ ناصر
بلوچ نصرالله ڊاڪٽر
بنده علي خـان ٽالپر
بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي
بهادر خان ڏاهري
آغا شمشاد مغل
انڍڙ عبدالقادر
انڙ حاجي غلام حسين
اوباما بارڪ
بن بلا/بن باالله
بال ٺاڪري
احمد ميان سومرو
ارباب انور
ارباب تاج محمد
الهبچايو ٽالپر
اميد علي شاهه رضوي ( سياستدان )
انڙ علي نواز
ڀاشاني عبدالحميد خان
ڀٽو غنويٰ
ڀٽو ممتاز علي
ڀٽو ذوالفقار علي شهيد
ڀٽو سَر شاهنواز خان
ڀٽو مير مرتضيٰ
ڀٽي قمر
ڀرٽ عبدالحق
ڀرڳڙي زاهد علي
ڀرڳڙي غلام مصطفيٰ خان
ڀرڳڙي ميان غلام محمد خان
ٽالپر الحاج مير علي احمد خان
ڀوتاڻي محمد اسلم
توقير فاطمه ڀٽو
تاج حيدر
ٿهيم عبدالسلام


.....سياستدان موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن