ايرينگ يا والا يا جهمڪا

ايرينگ يا والا يا جهمڪا

ايرينگ

اِيَرينگ: ڪنن ۾ پائڻ جو ڳهه. هي فئشني زيور ليکبو آهي، جيڪو ميناڪاريءَ، ڇِلائيءَ، ڄاريءَ جي جڙاءَ سان جڙندو آهي. جست، نِڪل، سون ۽ چانديءَ مان به جوڙيو ويندو آهي. ڪوڏين، مڻڪن ۽ موتين مان به جوڙيو وڃي ٿو. هن زيور تي ايرينگ نالو انگريزيءَ جي ٻن لفظن “Ear-Ring”جي ڪري پيو، جنهن جي لفظي معنيٰ آهي ”ڪن جو ڇلو“. سنڌ ۾ اهو نالو ايرينگ ته استعمال ۾ آيو ۽ مروج ٿي ويو، پر ان زيور جي شڪل مخصوص نموني جي متعارف ٿي، جيڪا ٻين ڪنن جي زيورن کان بلڪل مختلف آهي.
ايرينگ ’رائيدار‘ به ٿين ته ’واٽائين‘ وارا به جڙن. ايرينگ مختلف نمونن جا جوڙيا ويندا آهن. پر انهن جي خاص نشاني اها ٿئي ته ڪَن ۾ پائڻ لاءِ منجهن ڪُنڍو لڳل هوندو آهي ۽ ٻي نشاني اها ته ايرينگ کي پاپڙيءَ ۾ ننڍو موتي ۽ هيٺ سڌائيءَ ۾ ٻڙن جي جهالر لڙڪيل ٿيندي آهي. ڳيچن، سهرن ۽ لوڪ گيتن ۾ پڻ ايرينگن جو ذڪر اچي ٿو.
ايرينگ،والا،جهمڪا، والو،جهمڪو


لفظ ايرينگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو