داخلا نمبر 2813
عنوان ايس اين ڦيرواڻي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 356 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ايس اين ڦيرواڻي

ايس. اين. ڦيرواڻي: شيوا رام نرسنگهه داس ڦيرواڻي، سنڌي ٻوليءَ جو پروفيسر هو. هن 1938ع ۾ ڏيارام گدومل جي سوانح حيات ”راج رشي ڏيارام گدومل“ (جيون چرتر) جي عنوان سان ڇپائي، جنهن جو ٻيو ڇاپو سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن جولاءِ 2000ع ۾ ڇپايو آهي. پروفيسر ڦيرواڻي، اُن ڪاميٽيءَ جو به ميمبر هو، جنهن سنڌ يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ سفارش ڪئي هئي، جنهن ڪاميٽيءَ جو ميمبر علامه آءِ آءِ قاضي پڻ هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو