داخلا نمبر 2844
عنوان ايس گل
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 488 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
ايس گل

ايس گل

ايس گل

ايس. گُل: سندس اصل نالو سيد حاجي فضل علي شاهه ڄاموٽ هو، پر هو فلمي دنيا ۾ ”ايس. گل“ جي نالي سان ڄاتو سڃاتو ويندو هو. مرحوم جي ڄمار 75 سالن جي لڳ ڀڳ هئي. جڏهن هن 18 آڪٽوبر 1999ع تي وفات ڪئي. پونيرن ۾ هن ٻه پٽ ڇڏيا آهن، جن مان هڪ جي اڳوڻي وزيراعظم مرحوم محمد خان جوڻيجي جي نياڻيءَ سان شادي ٿيل آهي. ڄاموٽ فئملي سان تعلق رکندڙ ايس. گل اداڪاريءَ جي شروعات ورهاڱي کان اڳ ڪئي هئي. پاڪستان ۾ ”بيقرار“ سندس پهرين فلم هئي، جيڪا 1950ع ڌاري هن خود پروڊيوس ڪئي هئي. ’التجا‘، ’درنده‘، ’سهڻا سائين‘ ۽ ’حاضر سائين‘ وغيره سميت هن اردوءَ توڙي سنڌيءَ ۾ تقريباً 100 فلمون ٺاهيون. هن فلمن ۽ مقبول ٽي. وي پروگرام ”نيلام گهر“ لاءِ گل حيدر جي نالي سان ميوزڪ پڻ ڪمپوز ڪيو. گل حيدر نالو ڏيڻ جو سبب هيءُ هو ته ايس. گل جهوني ميوزڪ ڊائريڪٽر مرحوم غلام حيدر جو اسسٽنٽ رهي چڪو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1999.10.18  عيسوي

ايس . گُل: سندس اصل نالو سيد حاجي فضل علي شاهه ڄاموٽ هو ، پر هو فلمي دنيا ۾ ” ايس . گل “ جي نالي سان ڄاتو سڃاتو ويندو هو . مرحوم جي ڄمار 75 سالن جي لڳ ڀڳ هئي . جڏهن هن 18 آڪٽوبر 1999ع تي وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون