داخلا نمبر 2827
عنوان ايسٽ وِڪ وليم جوزف
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 766 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ايسٽ وِڪ وليم جوزف

ايسٽ وِڪ وليم جوزف: انگريز منتظم، مصنف ۽ ڪمانڊر، جيڪو 1808ع ۾ ڄائو. ونچسٽر (انگلنڊ) مان تعليم وٺي، بمبئي فوج ۾ شامل ٿيو. پوءِ سياسي شعبي سان وابسته ٿيو ۽ سنڌ ۾ هينري پاٽنجر جو معاون مقرر ٿيو. 1889ع ۾ حيدرآباد جي ميرن سان صلح جي ڳالهين واري وفد ۾ شامل هو. 1846ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو ڊائريڪٽر ۽ 1858ع ۾ ان جو نائب چيئرمئن ٿيو. ڪائونسل آف انڊيا جو ميمبر به رهيو. هن سنڌ جي تاريخ تي انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب
“Dry Leaves From Young Egypt” جنهن جو سنڌي ترجمو ، سنڌي ادبي بورڊ پاران”نئين مصر جا پراڻا ورق“ جي نالي سان ڇپايو ويو آهي، هن سان منسوب ڪيو وڃي ٿو، پر ڪن جو خيال آهي ته اهو اي.بي.ايسٽوڪ سندس ڀاءُ هو. وليم جوزف ايسٽ وِڪ 1889ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1808.00.00  عيسوي

ايسٽ وِڪ وليم جوزف: انگريز منتظم ، مصنف ۽ ڪمانڊر ، جيڪو 1808ع ۾ ڄائو .


1889.00.00  عيسوي

وليم جوزف ايسٽ وِڪ 1889ع ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون