داخلا نمبر 2850
عنوان ايشور چندر
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 648 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ايشور چندر

ايشور چندر: ايشور چندر سنڌي ۽ هندي ٻوليءَ جو ناميارو ڪهاڻيڪار ٿي گذريو آهي. هو 30 جولاءِ 1937ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ پيدا ٿيو. ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين. ورهاڱي کان پوءِ پنهنجي خاندان سان هندستان هليو ويو، جتي راجستان جي شهر اجمير ۾رهيو ۽ ريلوي کاتي ۾ نوڪري ڪيائين. هن سنڌيءَ ۽ هنديءَ ۾ تمام گهڻيون ڪهاڻيون لکيون آهن سندس هندي ڪهاڻين جي هڪ ڪتاب تي راجستان ساهتيه اڪيڊميءَ سڀ کان وڏو انعام کيس ڏنو ۽ سندس قدرداني ڪئي. سنڌيءَ ۽ هنديءَ ٻولين ۾ سندس ڏهاڪو ڪتاب ڇپيل آهن جن جو تفصيل هن ريت آهي: 1. ٿڌا چپ (1965ع)، 2. مئل ماڪوڙو (1966ع)، 3. پنهنجي ئي گهر ۾ (1973ع)، 4. نئين زماني جو ڪوئو (1979ع)، 5. سخت چهري وارو ماڻهو (1980ع)، 6. موٽي آيل ماضي (1881ع)، 7. ايشور چندر جو ست ڪهاڻيون (1983ع)، 8. ڇوڪرو ڇوڪري (1983ع)، 9. اندر جو ڄامڙو (1984ع)، 10. ساڳيو ئي سوال (1984ع)، 11. هڪ بيمار غزل (1985ع)، 12. رٿ (1986ع پر/ شايد 1987ع). ان کانسواءِ سندس هڪ ڪتاب انگريزيءَ ۾ Forgotten پڻ ڇپيو آهي. هن جا ٽي ڪتاب ٿڌا چپ، سخت چهري وارو ماڻهو ۽ اندر جو ڄامڙو سنڌ ۾ پڻ ڇپيا آهن. هن جي ڪهاڻين ۾ سماجي، معاشي ۽ نفسياتي مسئلن جو حل ملي ٿو. ”موهه“ سندس بهترين ڪهاڻين مان هڪ آهي. هن 13 آگسٽ 1992ع تي ديهانت ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.07.30  عيسوي

ايشور چندر: ايشور چندر سنڌي ۽ هندي ٻوليءَ جو ناميارو ڪهاڻيڪار ٿي گذريو آهي . هو 30 جولاءِ 1937ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ پيدا ٿيو .


1992.08.13  عيسوي

ايشور چندر 13 آگسٽ 1992ع تي ديهانت ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون