ايشوري جوتواڻي

ايشوري جوتواڻي

ايشوري جوتواڻي

ايشوري جوتواڻي: سنڌي ٻوليءَ جي نامور ليکڪا ۽ تعليمدان ايشوري جوتواڻي، 11 نومبر 1930ع تي سيوهڻ، سنڌ ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم. اي آهي. هن ڪيترائي ناول، ڪهاڻيون، مضمون ۽ سفرناما لکيا آهن. هن انگريزن خلاف آزاديءَ جي تحريڪ، ڪئٽ انڊيا (Quit India) ۾ ننڍيءَ عمر ۾ حصو ورتو ۽ 1942ع ۾ ڪجهه عرصي لاءِ سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد به رهي. ورهاڱي کان پوءِ هُن هند جي پُوني شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي هن سينٽ ميران هاءِ اسڪول ۽ سينٽ ميران ڪاليج فار گرلس پوني ۾ سنڌيءَ جي استاد طور ذميواريون نڀايون. هوءَ پوني يونيورسٽيءَ ۾ سنڌيءَ جي بورڊ آف اسٽيڊيز جي چيئرپرسن، ممبئي يونيورسٽيءَ جي بورڊ آف اسٽڊيءَ جي ميمبر ۽ سنڌي ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ جي ميمبر به رهي آهي. واڊيا ڪاليج ۽ سينٽ ميران ڪاليج فار گرلس جي هاسٽل سپريڊنٽ به رهي چڪي آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”محبت جو تياڳ“(ناول: 1951ع)، ”الفت جي آڳ“(ناول:1953ع)، ”ڪامل جون ڪهاڻيون“(ڪهاڻيون: 1993ع) ۽ ”امنگن جا آبشار“ (مضمون ۽ سفرنامو: 1993ع)، ”ڇتر پتي شوا جي“ (جيوني: 1996ع)، ”آکاڻيون پورب ديس جون“، ”امر چتر ڪٿا“، ”ڪوتڪ گلدستو“ ۽ ”ڪرامتي ڪوتڪ“ وغيره شامل آهن. کيس سنڌي ادب ۾ بهترين خدمتن تي نئشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج (NCPSL) پاران 2000ع ۾ قومي اوارڊ ملي چڪو آهي. هُوءَ ’سنڌي ساهتيه سڀا‘ پوني جي صدر پڻ رهي چڪي آهي. هن وقت شانتي ڪنج، پوني ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ ايشوري جوتواڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1930.11.11  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جي نامور ليکڪا ۽ تعليمدان ايشوري جوتواڻي ، 11 نومبر 1930ع تي سيوهڻ ، سنڌ ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رسول بخش خان مغل
ڀڳت موهن
راڻو چندن
ڏيٿو عبدالرحيم
اسلم آزاد ڊاڪٽر
بيگن ٻارڻ
چنا محمد عالم
ضياء الدين نخشبي
مخدوم محمد اسماعيل سومرو
بودلو سميجو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون