ايلميتي خط

ايلميتي خط (Elmiti Script ):ايليميتي/ايلمائٽي هن وقت ڪٿي به ڪا نه ٿي ڳالهائجي. موقوف (Extinct) ٻولي آهي. پر 600 ق. م ۾ هيءَ پرشين امپائر جي سرڪاري ٻولي هئي. سڪندراعظم جڏهن ايران تي چڙهائي ڪئي ته هيءَ ٻولي خاصي حالت ۾ موجود هئي. هي ڪا هڪ رات ۾ ڪانه اڀري هوندي نه ڪو هڪ سال ۾ ختم ٿي هوندي. ٻوليون صدين جو سفر ڪري اڳتي اچن ٿيون ۽ صدين جو سفر طئي ڪري پنهنجي طبعي حالت کي پهچي ختم ٿي وڃن ٿيون. هن جا ٽي قسم ٻڌايا وڃن ٿا:
1. پراڻي المائيٽي: Proto- Elmite هي تمام پراڻي لکت جو نمونو آهي، جيڪو ايران ۾ رائج هو. جيڪو مٽيءَ جي ننڍڙين ٽڪين (Tablet) تي لکيل آهي ۽ ڪيترن ئي ايراني قديم ماڳن تان مليون آهن. هن جون 1000 کان مٿي نشانيون (Symbols) مليون آهن؛ جيڪي پڙهجي نه سگهيون آهن. هي ميخي خط (Cuniform) جي سڌريل صورت آهي.
2. ليڪائين ايلمائيتي Linear Elmite: هيءَ لکت ايران جي ڪن مقبرن تان ملي آهي. هيءَ اوا ايلمائيٽي مان نڪتل چئي وڃي ٿي. پر ڪا پڪي ثابتي نه ملي آهي.
3. ميخي ايلمائيتي (Cuniform ):هيءَ لکت 2500 ق. م کان 331 ق. م تائين استعمال هيٺ رهي آهي. هيءَ لکت اڪادي خط تان ورتل آهي. هن ۾ نشانيون (Symbols) گهٽ استعمال ٿيل آهن. المائيٽي ٻوليءَ جو سامي، سنڌو يورپيائي، ۽ سميري ٻولين سان گهرو سنٻنڌ هو جو هيءَ لکي به سميري خط ۾ ويندي هئي. ڪن جو چوڻ آهي ته هيءَ دراوڙي ٻولي آهي ۽ اصل دراوڙين جي ايلام ٻوليءَ جا نشان آهن. جو دراوڙ هندوستان کان چار هزار ق.م انهيءَ پاسي ڏانهن طبعي حالتن جي ڪري لڏي آيا هئا ته پاڻ سان ٻولي به آندي هوندائون. ايلام وڏو قبيلو هو، جيڪو ڏکڻ هندستان کان لڏي اُر تائين ويو هو. ان تي تحقيق ٿي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0600.00.00  قبلِ مسيح

ايلميتي خط ( Elmiti Script ) : ايليميتي/ايلمائٽي هن وقت ڪٿي به ڪا نه ٿي ڳالهائجي . موقوف ( Extinct ) ٻولي آهي . پر 600 ق . م ۾ هيءَ پرشين امپائر جي سرڪاري ٻولي هئي . سڪندراعظم جڏهن ايران تي چڙهائي ڪئي ته هيءَ ٻولي خاصي حالت ۾ موجود هئي .



ٻوليون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الف – بي جي تاريخ
پورچوگيز زبان
اردو
عربي لپي Arabic Script
آريائي ٻوليون
سنڌي گرامر
ڍاٽڪي
سنٿالي ٻولي
بنگالي
براهمي گپتا
ٻوليون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون