داخلا ؛ 4085
پڙهيو ويو ؛ 576
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-06-29


تصويرون


m.-B-Ansari.jpg
ايم  بي  انصاري
ايم بي انصاري



ٽائيم لائين

00.00.1931-A.D
. ايم . بي انصاريءَ جيڪب آباد جي انصاري محلي ۾ 1931ع ۾ قادر بخش انصاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو ،

11.03.1993-A.D
ايم . بي انصاري 11 مارچ 1993ع ۾ 62 ورهين جي عمر ۾ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.




sindhianaسنڌيانا--ايم بي انصاري

ٽائيٽل ؛ ايم بي انصاري


شاخ : شخصيت

ايم. بي. انصاري: ايم. بي -انصاري- ريڊيو -پاڪستان- حيدرآباد جو پهريون سنڌي پروڊيوسر ۽ بعد ۾ -اسٽيشن- ڊائريڪٽر ٿي رهيو آهي، سندس اصل نالو محمد بخش -انصاري- هو، کيس عام طرح باباءِ سنڌي براڊ ڪاسٽنگ سڏيندا آهن، هو صداڪاريءَ جي شعبي ۾ زيڊ. اي بخاريءَ جو شاگرد هو، پر ڊرامن جي ڊائلاگن ادا ڪرڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. ايم. بي انصاريءَ جيڪب -آباد- جي -انصاري- محلي ۾ 1931ع ۾ قادر بخش انصاريءَ جي گهر ۾ -جنم- ورتو، هو پاڻ ۾ ٽي ڀائر هئا، سندس وڏن جي روزگار بابت ڪا ڄاڻ نه آهي، البته ورهاڱي کان پوءِ ايم. بي -انصاري- روزگار جي سلسلي ۾ جلد ڪراچي هليو آيو، پاڻ 51-1950ع ڌاري ڪراچي ريڊيو تي آڊيشن ڏيئي ڪامياب ٿيو، صلاحيتن ۽ خوبصورت آواز جي ڪري ريڊيو جي بالا آفيسرن مان زيڊ. اي بخاريءَ کيس پنهنجي ويجهو رکيو ۽ کيس علي محمد چاڳلا جي پروڊيوسرشپ هيٺ شروع ٿيندڙ سنڌي سيڪشن ۾ اسٽاف انائونسر مقرر ڪيو. 17 -آگسٽ- 1955ع تي ريڊيو حيدرآباد قائم ٿيو ته -انصاري- صاحب کي اسٽاف انائونسر مان -ترقي- ڏيئي پروڊيوسر طور چاڳلا صاحب سان گڏ حيدرآباد موڪليو ويو. ريڊيو 1956ع ڌاري جڏهن حميد نسيم حيدرآباد ريڊيو -اسٽيشن- جو ريجنل ڊائريڪٽر ٿي آيو ته -ان- وقت حيدرآباد ريڊيو تي ٻه پروڊيوسر هئا، -اردو- پروگرامن لاءِ -الياس- عشقي ۽ سنڌي پروگرامن لاءِ ايم. بي انصاري. -انصاري- صاحب زبردست انائونسر ۽ صداڪار هو، پاڻ ڪنهن به صداڪار يا آرٽسٽ جي لفظي يا اچار جي غلطي برداشت نه ڪندو هو. ”رس رهاڻ“ ۽ ”شبستان“ سندس يادگار پروگرام رهيا آهن ۽ حال حيات سازندن جو چوڻ آهي ته ايم. بي انصاريءَ جهڙو بهترين ميوزڪ رڪارڊسٽ سنڌ کي اڄ تائين نه مليو آهي. هن زيڊ. اي -بخاري- ۽ حميد نسيم جي ذوق جمال مان ڪافي پرايو، آواز جي لاهه چاڙهه جو فن ڄاڻندڙ صداڪار هو، خود پسند ضرور هو، پر خوشامد پسند نه هو.
ايم. بي -انصاري- 31 مارچ 1991ع تي ريڊيو -پاڪستان- ڪراچيءَ مان ڊائريڪٽر جي حيثيت سان رٽائر ٿيو ۽ 11 مارچ 1993ع ۾ 62 ورهين جي عمر ۾ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪيائين، کيس اباڻي شهر جيڪب -آباد- جي -انصاري- محلي ويجهو مقامي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊياسنڌيانا پهرئين جلد جو ضميمو

ڇا اوهان وٽ -ايم بي انصاري- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ايم بي انصاري - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن