داخلا ؛ 2903
پڙهيو ويو ؛ 1079
پسند ڪيو ويو ؛ 2
تاريخ ؛ 2012-03-15


تصويرون


mhpanhwar.jpg
ايم ايڇ پنهور
ايم ايڇ پنهور



ٽائيم لائين

1925.12.25-A.D
ايم . ايڇ . پنهور: محمد حسين ولد حاجي خان پنهور . 25 ڊسمبر 1925ع تي ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ ابراهيم پنهور ۾ ڄائو .

2008.00.00-A.D
ايم ايڇ پنهور: سنڌ جو هي هونهار پٽ 2008ع ۾ گذاري ويو .




sindhianaسنڌيانا--ايم ايڇ پنهور

ٽائيٽل ؛ ايم ايڇ پنهور


شاخ : سائنسدان

ايم. ايڇ. پنهور: محمد حسين ولد حاجي خان پنهور. 25 ڊسمبر 1925ع تي ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ ابراهيم پنهور ۾ ڄائو. 1969ع ۾ اين. اي. ڊي انجنيئرنگ ڪاليج، ڪراچيءَ مان مڪئنيڪل ۽ اليڪٽريڪل ۾ بي. اي ڪيائين. 1953ع ۾ پرڏيهه مان زرعي انجنيئرنگ ۾ ايم. ايس. سيءَ جي ڊگري ورتائين. 1953ع ۾ پاڻ سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڙيو. پهريون سنڌ ۾ زرعي انجنيئر ٿيو، بعد ۾ سنڌ ۽ -بلوچستان- جو سپريٽينڊنگ انجنيئر ٿيو. 1969ع ۾ سرڪاري نوڪري ڇڏيائين، جنهن کان پوءِ پنهنجي مدد پاڻ تحت سنڌ جي تاريخ، جاگرافيءَ، قديم آثارن، معدنيات ۽ پاڻياٺ تي -تحقيق- ڪرڻ ۾ مشغول رهيو. هن زير زمين پاڻيءَ (Underground water) تي 13 ڪتاب لکيا آهن، جيڪي سنڌ ۽ -بلوچستان- جي علائقن سان تعلق رکن ٿا.
پنهور صاحب، پنهنجي شعبي ۾ ڄاتل سڃاتل عالم ۽ محقق هو. سندس ذاتي لائبرريءَ ۾ سنڌ بابت مواد تي 6000 ڪتاب آهن. لڳ ڀڳ ايتروئي تعداد، انجنيئرنگ، زراعت، جانورن ۽ مڇين بابت ڪتابن جو اٿس. -ان- کان سواءِ سندس لائبرري ۾ تقريباً 3000 کن نقشا پڻ موجود آهن. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ صلاحڪار انجنيئر طور ڪم ڪري چڪو آهي. -ان- کان سواءِ سون جي تعداد ۾ سندس عالمانه مقالا لکيل آهن. پاڻ مهراڻ يونيورسٽيءَ جو وزيٽنگ پروفيسر به رهيو. سندس تصنيفن مان ڪجهه مکيه ڪتاب هيٺيان آهن:
(1) ’مسلمان عورت‘ (1945ع)، (2) ’سنڌ ۾ آبپاشيءَ جا پنج هزار سال‘،
(3) Ground Water in Hyderabad and Khairpur Division (1964).
Material on Sindh (1977). (4)
. Sindh Cutch Relation (1980) (5)
. Heroic Struggle of Sindh Against Freedom, 1500-1843 (1979) (6) Causes of Decline of Persian in Pakistan (1975). (7)
(8) Chronological Dictionary of Sindh (1983).
(9) Soowra Dynesty
سنڌ جو هي هونهار پٽ 2008ع ۾ گذاري ويو. سندس پٽ سني پنهور، جيڪو ڪيليفورنيا -آمريڪا- جو وڏو واپاري آهي، محمد حسين پنهور جي سموري ملڪيت تي مشتمل هڪ ٽرسٽ ذريعي سندس نالي ”ايم ايڇ پنهور چيئر“ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ قائم ڪرائي رهيو آهي، جنهن لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ٽي سئو -ايڪڙ- زمين ڏني آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -ايم ايڇ پنهور- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ايم ايڇ پنهور - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سائنسدان - موضوع جون ٻيون داخلائون-
اقليدس
اليگزينڊر گراهم بيل
ابن سينا
ايم ايڇ پنهور
آءِ ايڇ عثماني ڊاڪٽر
آئن اسٽائن البرٽ
بوعلي سينا
ابن بيطار
البيروني ابو ريحان
ثاليس
ثناءالحق صديقي مولوي
ٽيٽم ايڊوارڊ ايل
ٿامس ايڊيسن
ٿامس هنٽ مورگن
جابر بن افلح
جابر بن حيان
جابر بن سنان حراني
جارج اسٽيفنسن


.....سائنسدان موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن