داخلا نمبر 2984
عنوان ايم ڪيو ايم حقيقي
شاخ سياسي پارٽيون
پڙهيو ويو 234 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ايم ڪيو ايم حقيقي

ايم ڪيو ايم حقيقي: هي ايم ڪيو ايم کان ڌار ٿيندڙ گروپ آهي، جيڪو 1991ع ۾ وجود ۾ آيو. ائين ڪجهه عرصي تائين ٻئي ڌڙا ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ)۽ ايم ڪيو ايم (حقيقي گروپ) جي نالي سان ڪم ڪندا رهيا. حقيقيءَ جي اڳواڻن ۾ عامر خان ۽ آفاق احمد مکيه اڳواڻ آهن، جيڪي الطاف حسين جا ويجها ساٿي رهيا هئا. اڳتي هلي الطاف حسين پنهنجي گروپ جو نالو ”مهاجر قومي موومينٽ“ مان بدلائي متحده قومي موومينٽ رکيو، پر حقيقي گروپ پنهنجي نالي ۾ ”مهاجر“ لفظ شامل رکيو. هڪ عرصو اهي ٻئي گروپ هڪ ٻئي سان تڪراري رهيا. 1992ع ۾ وڌندڙ هنگامن ۽ ڇڪتاڻ جي ڪارروائين کي روڪڻ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير مظفر حسين شاهه فوج طلب ڪئي ۽ ڪراچيءَ ۾ آپريشن شروع ڪيو. ان وقت الطاف گروپ حڪومت کان ڌار ٿي ويو ته ان جي جاءِ تي ايم ڪيو ايم حقيقي حڪومت ۾ شامل ٿي. ائين حقيقي گروپ کي سرڪاري مڃتا ملي، پر 1993ع جي چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) ٻيهر چونڊن ۾ کٽيو ۽ حقيقي گروپ کي ڪا خاطر خواهه ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهي، ان جي برعڪس ٻيو گروپ ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ حڪومت ۾ شامل رهيو. ان کان پوءِ وارين چونڊن ۾ حقيقي گروپ ڪراچيءَ مان هڪ ٻه سيٽون کٽيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1991.00.00  عيسوي

ايم ڪيو ايم حقيقي: هي ايم ڪيو ايم کان ڌار ٿيندڙ گروپ آهي ، جيڪو 1991ع ۾ وجود ۾ آيو .



سياسي پارٽيون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ايم ڪيو ايم حقيقي
آل انڊيا ڪانگريس
آل انڊيا مسلم ليگ
انڊين نيشنل ڪانگريس
آل پارٽيز حريت ڪانفرنس
پاپولر يونٽي
جماعت اسلامي
پاڪستان تحريڪِ انصاف
پاڪستان پيپلز پارٽي
پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو
سياسي پارٽيون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون