اين اي ڊي يونيورسٽي

اين اي ڊي يونيورسٽي

اين اي ڊي يونيورسٽي

اين اي ڊي يونيورسٽي: انجنيئرنگ جي اعليٰ تعليم لاءِ مخصوص هيءُ تعليمي ادارو 1921ع ۾ صاحب سنگهه چندا سنگهه شھاڻي جي ڪوششن سان ڪراچيءَ ۾ قائم ٿيو. ابتداءَ ۾ هن ڪاليج جو نالو ’پرنس آف ويلز‘ رکيو ويو. بعد ۾ سماجي ڪارڪن ’نادر شاهه ايڊلجي ڊنشا‘ پاران ڪاليج جي عمارت لاءِ زمين عطيو ڪرڻ تي ڪاليج جو نالو تبديل ڪري سندس نالي پٺيان ’اين اي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج‘ رکيو ويو. پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ 1947ع ۾ سنڌ حڪومت هن ڪاليج کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ’اين اي ڊي انجنيئرنگ گورنمينٽ ڪاليج‘ جو نالو ڏنو. پھرين مارچ 1977ع تي اين اي ڊي گورنمينٽ انجنيئرنگ ڪاليج جو ساڳيو نالو برقرار رکندي اُن کي ’اين اي ڊي يونيورسٽي‘ جو درجو ڏنو ويو. هن وقت هن يونيورسٽي جو شمار پاڪستان جي بھترين انجنيئرنگ يونيورسٽي طور ٿئي ٿو.
هن يونيورسٽي جا چار مکيه ڪئمپس آهن جن ۾: مين ڪئمپس، ’سٽي ڪئمپس‘، ’ايل اي جي ڪئمپس‘ ۽ ’ٿر ڪئمپس‘ شامل آهن. هتي 5 فئڪلٽيز آهن جن ۾: (1) فيڪلٽي آف سول اينڊ پيٽروليم انجنيئرنگ (سي پي اي)، (2) فيڪلٽي آف مڪينيڪل اينڊ مينوفيڪچرنگ انجنيئرنگ (ايم ايم اي)، (3) فيڪلٽي آف اليڪٽريڪل اينڊ ڪمپيوٽر انجنيئرنگ (اي سي اي)، (4) فيڪلٽي آف ڪيميڪل اينڊ پروسيس انجنيئرنگ (سي پي اي)، (5) فيڪلٽي آف آرڪيٽيڪچر ۽ مئنيجمينٽ سائنسز (اي ايم ايس) شامل آهن، جتي 28 مختلف شعبن ۾ لڳ ڀڳ 108 پروگرامن/ موضوعن وسيلي انجنيئرنگ جي اعليٰ تعليم ڏني پئي وڃي. ان کان علاوه پيشه ور ماڻهن کي گهٽ قيمت تي تعليمي ۽ عملي تربيت فراهم ڪرڻ لاءِ NED يونيورسٽي ٻه ذيلي ادارا NED اڪيڊميز پڻ قائم ڪيون آهن جن ۾ 2 پروگرام: (1) سينٽر فار ڪنٽينيوئنگ انجنيئرنگ ايجوڪيشن (CCEE) (2) سينٽر فار ملٽي ڊسيپلينري (Multidisciplinary) پوسٽ گريجوئيٽ پروگرام (سي ايم پي پي CMPP) شامل آهن، جڏهن ته ڪراچي ۾ موجود انجنيئرنگ جا چار ڪاليج، اين اي ڊي يونيورسٽي سان الحاقيل آهن. هن يونيورسٽي طرفان ٽي تحقيقي مخزن: اين اي ڊي يونيورسٽي جرنل آف ريسرچ، جرنل آف سوشل سائنسز اينڊ انٽر ڊسپلنري ريسرچ ۽ جرنل آف ريسرچ ان آرڪٽيڪچر ائنڊ پلاننگ شايع ٿين ٿا. هن وقت ڊاڪٽر سروش حشمت لوڌي يونيورسٽي جي وائس چانسلر طور خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي.


لفظ اين اي ڊي يونيورسٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو