داخلا نمبر 3000
عنوان اين جي مجمدار
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 867 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

اين جي مجمدار

اين. جي. مجمدار: مشهور آرڪيالاجسٽ اين. جي. مجمدار جو پورو نالو ’نوني گوپال‘ هو. ’نوني‘ بنگالي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’مکڻ‘ ۽ اصطلاحي معنيٰ موجب پيارو. نوني گوپال جي معنيٰ ٿي ”گوپال جو پيارو“. مجمدار اصل ۾ موضع دار آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”ڳوٺ، شهر يا وستيءَ جو وڏيرو“. موضع مان بدلجي ”موجع“ ٿيو ۽ رفته رفته اهو موجمدار/ ’مجمدار‘ بڻجي ويو، حالانڪ هو ڪو وڏيرو ڪونه هو. جيئن ڪن ذاتين جا ماڻهو پنهنجي ڌنڌي يا عهدي سبب ان ذات جا ٿي ويا آهن. جيئن مفتي، قاضي، آخوند، وغيره. توڙي جو مفتي، قاضي ۽ آخوند به ڪا ذات نه آهي.
مجمدار جو جنم 1897ع ۾ ٿيو. هن ڪلڪتي يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي. هو يونيورسٽيءَ جو هڪ ذهين ۽ هوشيار شاگرد هو. 1920ع ۾ ايم. اي جو امتحان پاس ڪيائين. ڪجهه ورهيه ساڳيءَ يونيورسٽيءَ ۾ استاد ٿي رهيو. سال 1924ع ۾ هو راجشاهي عجائب گهر ۾ ڪيوريٽر (Curator) مقرر ٿيو. سنسڪرت ۽ پراڪرت ٻولين جو ماهر هو. پراڻا ڪتبا پڙهڻ ۽ سڪن سڃاڻڻ جو پڻ ماهر هو. قديم کنڊرن بابت کوجنا ڪرڻ جو کيس تمام گهڻو شوق هو. هو قديم آثارن جي ماهرن، سر جان مارشل، ديارام ساهني ۽ اي. جي. ايڇ. مئڪي سان موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي رهيو. هو سال 1927ع ۾ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا ۾ سپرنٽينڊنٽ مقرر ٿيو ۽ حياتيءَ جي آخري گهڙين تائين ان عهدي تي فائز رهيو. جيئن ئي هو هن کاتي ۾ آيو ته جلد ئي کيس لاڙڪاڻي ويجهو ’جهڪر جي دڙي‘ جي کوٽائيءَ لاءِ موڪليو ويو. ان کان پوءِ هن سنڌ جي ڪاڇي واري علائقي جوهي، سيوهڻ ۽ ڪوهستان ۾ سال 1929ع کان 1930ع تائين کوٽائي ڪرائي. هن انهن علائقن ۾ 62 نهايت ئي اهم ماڳ ڳولي لڌا، جن مان ڪن جو تعلق تاريخ کان اڳ واري دور سان هو، ته ڪن جو وري ٽامي واري دور سان هو. سال 1938ع ۾ هن وري کوٽائي ۽ کوجنا شروع ڪئي. هن ڀيري هن کيرٿر ۽ ان جي ڀر واري ٽاڪرو ميداني علائقن ۾ کوجنا ڪئي. ٿوري ئي وقت ۾ هن اهڙا ماڳ ڳولي لڌا، جن جو تعلق ٽامي جي دور سان هو. سندس ڪتاب ”سنڌ ۾ قديم کنڊرن جون کوٽايون ۽ کوجنائون“ وڏي اهميت رکي ٿو.
سنڌ جي قديم آثارن تي ٿيل جملي کوجنا جو جيڪڏهن جائزو وٺنداسين ته ان ۾ بنگالي آرڪيالاجسٽ اين. جي. مجمدار جو نالو هڪ تيز رفتار مهم جُو طور سامهون ايندو. وڏو کوجنائي ماهر هو. هن پنهنجي 41 ورهين جي ڄمار ۾ هڪ وڏو ڊگهو ۽ اڻانگو ڪم ڪري اهڙو مثال قائم ڪيو، جو هو هن وقت آرڪيالاجيءَ جي ماهرن لاءِ هماليه جيڏي هڪ بلند ڪسوٽي بڻجي ويو آهي. هونئن ته هن ڪيتريون ئي کوجنائي مهمون هلايون، پر سنڌ ۾ سندس ڪم سڀ کان جاندار رهيو آهي. کوجنائي مهم دوران مجمدار آمري، چانهوءَ جو دڙو، جهڪر جو دڙو، ڪاهوءَ جو دڙو، ڪلان ڪوٽ، سڌيرڻ جو دڙو، ڌامراهه جا دڙا، علي مراد، گاجي شاهه، پانڌي واهه، ڊنب بڍي، معصوم جي بٺي، روهيل جو ڪنب ۽ ٿرڙ ٽڪريءَ سميت وڏي تعداد ۾ قديم تاريخي کنڊر ۽ دڙا دريافت ڪري، تاريخ جي وکريل ۽ وڃايل ورقن کي سانڍي، سنڌ جي تمام وڏي خدمت ڪئي. اها به ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته جيڏي سنسني خيزي مجمدار جي پنهنجي مزاج ۽ زندگيءَ ۾ هئي، جنهن ڪارڻ هو ايڏو وڏو کوجنائي ماهر ٿي ويو هو ته سندس موت به ايڏو ئي پراسرار ۽ سنسني خيز ٿيو. سندس بي وقتائتو موت سنڌ ۾ ئي سندس آخري مهم دوران ٿيو، جيڪا هن 27 آڪٽوبر 1938ع کان دادو ضلعي ۾ شروع ڪئي هئي. بدقسمتيءَ سان هن کي 11 نومبر 1938ع تي جوهي تعلقي ۾ نئين گاج ڀرسان روهيل جي ڪنڀ يا ڪُن واري قديم دڙي وٽ ڌاڙيلن اوپرو ۽ خزانو کوٽيندڙ سمجهي قتل ڪري ڇڏيو هو. پاڪستان جي قديم آثارن وارو وفاقي کاتو ان جاءِ تي ڪو يادگار ٺهرائي، جتي آرڪيالاجيءَ جي ايڏي وڏي ماهر آخري دم ڏنو هو، اِها اُن لاءِ فخر جي ڳالهه چئبي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1897.00.00  عيسوي

اين جي مجمدار: مجمدار جو جنم 1897ع ۾ ٿيو .


1927.00.00  عيسوي

هو سال 1927ع ۾ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا ۾ سپرنٽينڊنٽ مقرر ٿيو ۽ حياتيءَ جي آخري گهڙين تائين ان عهدي تي فائز رهيو .


1938.11.11  عيسوي

بدقسمتيءَ سان هن کي 11 نومبر 1938ع تي جو هي تعلقي ۾ نئين گاج ڀرسان روهيل جي ڪنڀ يا ڪُن واري قديم دڙي وٽ ڌاڙيلن اوپرو ۽ خزانو کوٽيندڙ سمجهي قتل ڪري ڇڏيو هو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون