اين جي وي هاءِ اسڪول

اين جي وي هاءِ اسڪول: سنڌ ۾ ڪراچي اندر قائم ٿيڻ وارو هي پھريون سرڪاري اسڪول آڪٽوبر 1855ع ۾ سر بارٽل فريئر قائم ڪيو. شروع ۾ هن اسڪول جو نالو ”اينگلو ورنيڪيولر انگلش ميڊيم اسڪول“ هو، جنھن جو مقصد آباديءَ کي سنڌي زبان جي ذريعي انگريزي زبان سان واقف ڪرڻ هو. هن اسڪول جو نالو بعد ۾ بمبئي سرڪار طرفان، سنڌ جي تعليم کاتي جي هڪ عملدار نارائڻ جڳن ناٿ وئديه جي تعليمي خدمتن کي آڏو رکندي، قدر شناسي طور ”نارائڻ جڳن ناٿ وئديه هاءِ اسڪول“ يعني اين. جي. وي. هاءِ اسڪول رکيو ويو. اسڪول جي پھرين بيچ ۾ 68 شاگرد داخل ٿيا. اسڪول جو نقشو ليفٽيننٽ شيمپئن ٺاهيو هو. 1885ع ڌاري اسڪول ۾، ”ميڪس ڊينسو هال لٽرري سوسائٽي“ قائم ڪئي ويئي، جنھن جو پھريون صدر پادري بيمرج، جڏهن ته پھريون اعزازي سيڪريٽري اسڪول جو هيڊماستر جيمسٽجي اردشير هئا. 1888ع ۾ اين. جي. وي هاءِ اسڪول ۾ 391 شاگرد هئا، جنھن ۾ 276 هندو، 93 پارسي، 17 مسلمان ۽ 3 يھودي هئا. اسڪول جي معيار کي آڏو رکي، ان کي ٻن شفٽن ۾ هلايو ويو. 1918ع ۾ اين جي وي اسڪول طرفان ڇھه ماهي مسيلني جاري ٿي، جنھن ۾ انگريزيءَ سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جو علم ادب پڻ شامل هوندو هو. 1947ع کان پوءِ اسڪول طرفان پنھنجو هڪ مخزن پڻ جاري ڪيو ويو. 1947ع ۾ هيءُ اسڪول پنھنجي نئين عمارت ۾ منتقل ٿيو. پاڪستان جي قيام کان پوءِ سنڌ اسيمبليءَ جي پراڻي عمارت کي پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ جي عمارت ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ اين. جي. وي هاءِ اسڪول جي نئين عمارت جي هيٺينءَ منزل تي سنڌ اسيمبلي قائم ڪئي وئي. سنڌ يونيورسٽي پنھنجي شروعاتي قيام واري عرصي کان وٺي حيدرآباد منتقل ٿيڻ (1951ع) تائين، هن اسڪول جي اولهه واري حصي ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هن وقت هيءُ اسڪول، هاير سيڪنڊري اسڪول طور ايم اي جناح روڊ (اڳوڻي بندر روڊ) تي سعيد منزل ويجهو، پنھنجي انھيءَ بلڊنگ ۾ هلندڙ آهي ۽ ڪراچيءَ جي مشھور اسڪولن ۾ شمار ٿئي ٿو. اسڪول ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ ٻه شفٽون هلندڙ آهن. هن وقت هن اسڪول جي اڌ عمارت ڪجهه سرڪاري دفترن کي ڏنل آهي، باقي اڌ ۾ اسڪول هلندڙ آهي. اسڪول اندر ڪشاده ڪلاس روم، آڊيٽوريم، ڪتبخانو ۽ ليبارٽري وغيره بھتر حالت ۾ موجود آهن.


لفظ اين جي وي هاءِ اسڪولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو