داخلا ؛ 3021
پڙهيو ويو ؛ 1781
پسند ڪيو ويو ؛ 1
تاريخ ؛ 2012-03-17


تصويرون


ayoob-khan.jpg
ايوب خان
ايوب خان



ٽائيم لائين

1907.05.14-A.D
ايوب خان: پاڪستان جو اڳوڻو صدر ۽ فيلڊ مارشل ايوب خان . 14 مئي 1907ع تي هزارا جي هڪ ڳوٺ ريحانه جي هڪ وچولي درجي واري فوجي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو .

1962.10.14-A.D
1958ع ۾ نام نهاد شريف ڪميشن ذريعي تعليمي پاليسي لاڳو ڪئي وئي ، جنهن موجب مادري زبانن خاص ڪري سنڌي زبان جي پڙهائيءَ کي پرائمري تائين محدود ڪيو ويو ، جنهن خلاف سنڌي زبان سوسائٽي ، سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ جي محب وطن سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن تحريڪ هلائي ، ۽ ايوب رجيم کي مجبور ٿي 14 آڪٽوبر 1962ع تي پنهنجو فيصلو واپس وٺڻو پيو ۽ سنڌيءَ جي ذريعه تعليم واري اڳوڻي حيثيت بحال ٿي .

1965.00.00-A.D
لڳاتار سرحدي چڪرين بعد 1965ع ۾ ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڪشمير جي سرحد ۽ رڻ ڪڇ ۽ ٿر وارن علائقن ۾ جنگ لڳي ، سوويت يونين ٽياڪڙي ڪري 1966ع ۾ ٻنهي ملڪن ۾ صلح ڪرايو ،

1966.00.00-A.D
لڳاتار سرحدي چڪرين بعد 1965ع ۾ ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڪشمير جي سرحد ۽ رڻ ڪڇ ۽ ٿر وارن علائقن ۾ جنگ لڳي ، سوويت يونين ٽياڪڙي ڪري 1966ع ۾ ٻنهي ملڪن ۾ صلح ڪرايو ،

1974.04.20-A.D
ايوب خان: 20 اپريل 1974ع تي دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪري ويو ۽ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ريحانه ۾ مدفون آهي .




sindhianaسنڌيانا--ايوب خان

ٽائيٽل ؛ ايوب خان


شاخ : فوج

ايوب خان: -پاڪستان- جو اڳوڻو صدر ۽ فيلڊ مارشل ايوب خان. 14 مئي 1907ع تي هزارا جي هڪ ڳوٺ ريحانه جي هڪ وچولي درجي واري فوجي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد مير داد خان رسالدار ميجر هو. ابتدائي -تعليم- ڳوٺ مان حاصل ڪئي. 1922ع ۾ مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه ۾ داخل ٿيو. جون 1926ع ۾ رايل ملٽري ڪاليج سينٽ هرسٽ مان فوجي تربيت حاصل ڪئي. 1932ع ۾ کيس ڪميشن ملي، پنجاب رجمينٽ ۾ ڪرنل ڪمانڊر رهيو، -ٻي عالمي جنگ- دوران -برما- جي محاذ تي موڪليو ويو، -جتي- پنهنجي دستي جو ڪمانڊر رهيو. 1947ع ۾ کيس ڪرنل جي عهدي تي -ترقي- ملي. -پاڪستان- قائم ٿيڻ کانپوءِ وزيرستان ۾ برگيڊيئر رهيو. ڊسمبر 1948ع ۾ مشرقي -پاڪستان- ۾ ميجر جنرل طور رهيو. 17 -جنوري- 1951ع تي جنرل سر ڊگلس گريسيءَ جي جاءِ تي -پاڪستان- آرميءَ جو پهريون مسلمان ڪمانڊر -ان- چيف مقرر ٿيو. هي پهريون پاڪستاني هو جنهن کي اهو اعزاز مليو هو. -ايوب خان- کي فوج جي سربراهه جو عهدو -ان- ڪري ڏنو ويو هو ته بظاهر هو ڪنهن لابيءَ سان واڳيل نه هو ۽ نه ئي ڪو سياسي مقصد هئس پر -ترقي- ملڻ جي ڪجهه ئي عرصي کان پوءِ -ايوب خان- ملڪ جي سگهاري سياسي شخصيت بڻجي ويو. -ايوب خان- -آمريڪا- کان فوجي ۽ معاشي امداد وٺڻ ۽ عالمي معاملن ۾ -پاڪستان- کي -ان- جو اتحادي بنائڻ لاءِ ذميوار آهي. 1954ع ۾ آرمي چيف ۽ وزير دفاع هئڻ ڪري هي -ان- پوزيشن ۾ هو ته حڪومت جي ڪنهن به فيصلي کي رد ڪري ڇڏي.
1958ع ۾ فيلڊ مارشل جنرل -ايوب خان- ۽ سندس ساٿي جنرلن فيصلو ڪيو ته ”نااهل سياستدانن“ مان ماڻهن جي جان آجي ڪرائجي، سندس دور حڪومت ذاتي ۽ آمراڻي دور طور سڃاڻپ رکي ٿو. -ايوب خان- ملڪ کي معاشي، قانوني، سياسي ۽ آئيني ادارا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. -ايوب خان- حڪومت ۾ اچڻ شرط بليڪ مارڪيٽنگ اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي خلاف سخت قدم کنيا. رشوت ۽ بدعنوانين ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪارروايون ڪيون. جنهن سان کيس شروعاتي طور عوام وٽان مڃتا ملي. پنهنجي خلاف سياسي مخالفت کي روڪڻ لاءِ پروڊا لاڳو ڪيو، جنهن موجب هن سياستدانن تي 15 سالن جي لاءِ پابندي وجهي ڇڏي هئي. هڪ ٻيو ”قانون ايبدو“ (Elective Bodies Disqualification Order) پڻ لاڳو ڪيو ويو، جنهن جو مقصد اڳوڻن حاڪم سياستدانن خلاف بدعنوانين ۽ ٻين اهڙن الزامن هيٺ ڪيس هلائڻ هو، پر کين -ان- صورت ۾ معافي ملي پئي سگهي ته هو ايندڙ ستن سالن تائين ڪنهن به قانون ساز اداري جي چونڊن ۾ اميدوار نه هوندا. اٽڪل 7 هزار ماڻهو ايبڊو جي لپيٽ ۾ آيا. اهو قانون محمد ايوب کهڙي تي به لاڳو ڪيو ويو هو. پريس اينڊ پبليڪيشن آرڊيننس لاڳو ڪري پريس تي پابنديون وڌيون ويون. سندس ئي ڏينهن ۾ نئون شهر -اسلام- -آباد- اڏي، ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ ڪراچيءَ مان اتي منتقل ڪيو ويو. 1959ع ۾ زرعي سڌارا آندا ۽ قانون لاڳو ڪري زمين جي وڌ ۾ وڌ حد ملڪيت 200 -ايڪڙ- مقرر ڪئي ويئي. جيتوڻيڪ وڏن زميندارن، ڪجهه نوڪر شاهي سان گڏجي ته ڪجهه وري سياسي اثر استعمال ڪندي پنهنجون زمينون بچايون پر پوءِ به اٽڪل 40 لک -ايڪڙ- زمين سرڪار حاصل ڪئي، جنهن مان وڏي ايراضي سنڌ ۾ هئي، بعد ۾ اها زمين گهڻي ڀاڱي سول ۽ فوجي آفيسرن ۾ ورهائي وئي. 1958ع ۾ نام نهاد شريف ڪميشن ذريعي تعليمي پاليسي لاڳو ڪئي وئي، جنهن موجب مادري زبانن خاص ڪري سنڌي زبان جي پڙهائيءَ کي پرائمري تائين محدود ڪيو ويو، جنهن خلاف سنڌي زبان سوسائٽي، سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ جي محب وطن سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن تحريڪ هلائي، ۽ ايوب رجيم کي مجبور ٿي 14 -آڪٽوبر- 1962ع تي پنهنجو فيصلو واپس وٺڻو پيو ۽ سنڌيءَ جي ذريعه -تعليم- واري اڳوڻي حيثيت بحال ٿي. -ايوب خان- 1959ع ۾ ”بنيادي -جمهوريت- جو نئون سياسي نظام“ لاڳو ڪيو ۽ 1962ع ۾ نئون -آئين- ڏنو، جيڪو صدارتي نظام وارو هو. هن جي وقت ۾ پرڏيهي پاليسي -آمريڪا- جي حامي رهي پر پوءِ به هن چين ۽ سوويت يونين سان ناتا بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. 1960ع ۾ انڊس واٽرس ٽريٽي (سنڌو طاس ٺاهه) عالمي -بئنڪ- ۽ -آمريڪا- جي مدد سان ڪيو ويو، جنهن موجب اولهه وارا ٽي درياهه يعني سنڌو درياهه، جهلم ۽ چناب -پاڪستان- کي ڏنا ويا ۽ -اوڀر- وارا ٽي درياهه راوي، -بياس- ۽ ستلج ڀارت کي ڏنا ويا، جنهن جي بنياد تي اڳتي هلي پاڻيءَ جي معاملي تي پنجاب سنڌ سان زيادتي ڪئي ۽ سنڌ جي اجازت کان سواءِ ڊئم تيار ڪرائي، سنڌوءَ جو -پاڻي- روڪيو ۽ سنڌ کي معاشي طرح تباهه ڪيو. جنهن خلاف سنڌي قوم بنا تميز پارٽيءَ جي وڏي جدوجهد هلائي ڪالاباغ ڊئم رٿا رد ڪرائي آهي.
لڳاتار سرحدي چڪرين بعد 1965ع ۾ ڀارت ۽ -پاڪستان- جي وچ ۾ ڪشمير جي سرحد ۽ رڻ ڪڇ ۽ -ٿر- وارن علائقن ۾ -جنگ- لڳي، سوويت يونين -ٽياڪڙي- ڪري 1966ع ۾ ٻنهي ملڪن ۾ صلح ڪرايو، -ايوب خان- ۽ ڀارتي وزيراعظم لال -بهادر- شاستري -تاشقند- ٺاهه تي صحيحون ڪيون. ايوب ڪابينا جي پرڏيهي معاملن واري وزير ذوالفقار علي ڀُٽي -ان- ٺاهه جي مخالفت ڪئي ۽ وزارت -تان- استعيفيٰ ڏيئي ڇڏي. ڀارت سان -جنگ- ۽ -تاشقند- ٺاهه ايوب حڪومت لاءِ فيصلي ڪن موڙ ثابت ٿيو.
فيبروري 1966ع ۾ لاهور ۾ مخالف ڌر جي سياسي جماعتن طرفان ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي. هن ڪانفرنس ۾ -اوڀر- -پاڪستان- ۾ حمايت رکندڙ عوامي ليگ ڇهه نڪتا پيش ڪيا. ملڪ جي مختلف شهرن ۾ شاگردن ۽ مزدورن جون تحريڪون شروع ٿيون. 4 مارچ 1967ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن احتجاج ڪيو جنهن ۾ اڳ ئي هلندڙ ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ کي وڌيڪ سگهارو ڪري ڇڏيو هو. هن ئي دؤر ۾ مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي مداخلت تي علامه آءِ آءِ قاضي سنڌ يونيورسٽيءَ مان استعيفيٰ ڏني. -ٽڪا خان- پنهنجي ڪنهن عزيز جي ناپاس ٿيڻ تي سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ جو مضمون ختم ڪرايو، جنهن خلاف وڏو احتجاج ٿيو.
1968ع ۾ -ايوب خان- حڪومت جي ڏهن سالن جي ڪارڪردگي جو جشن ملهارايو پر اهو جشن فائدي ڏيڻ بدران سياسي طور نقصانڪار ثابت ٿيو. 1969ع ۾ مختلف سياسي جماعتن ڊيموڪريٽڪ ايڪشن ڪميٽي (ڊيڪ) ٺاهي جنهن -جمهوريت- جي بحاليءَ لاءِ تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو.
-ان- ئي دور ۾ ذوالفقار علي -ڀٽي- پيپلزپارٽي ٺاهي ۽ -انقلاب- جو نعرو ڏنو. هن ملڪ ۾ هڙتال ۽ احتجاج جو سڏ ڏنو. ڪراچي، لاهور، پشاور، ڍاڪا ۾ فوج گهرائي ويئي. فيبروري ۾ حڪومت سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ مخالف ڌر کي ڳالهين جي ڪوٺ ڏني. -ايوب خان- نئون -آئين- ڏيڻ ۽ ايندڙ صدارتي چونڊن ۾ اميدوار نه ٿيڻ جو اعلان ڪيو. 25 مارچ 1969ع تي فوج جي سربراهه جنرل -آغا- محمد يحيٰ خان پاڻ کي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪري ملڪ اندر مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏيو. 1962ع وارو -آئين- ختم ڪيو ويو. -ايوب خان- استعيفيٰ ڏني ۽ يحيٰ خان ملڪ جو صدر ٿي ويو. 20 -اپريل- 1974ع تي دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪري ويو ۽ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ريحانه ۾ مدفون آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -ايوب خان- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ايوب خان - مان نڪتل ٻيون شاخون-


فوج - موضوع جون ٻيون داخلائون-
اسلم بيگ مرزا
ايوب خان
آصف نواز جنجوعا
آغا محمد يحييٰ خان
پاڪستان ايئر فورس


.....فوج موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن