ايڇ ايم خواجه

ايڇ ايم خواجه

ايڇ ايم خواجه

ايڇ. ايم خواجه: سنڌ جو ناميارو استاد ۽ تعليمد ان حاجي خان، مهر علي خواجه، 11 آڪٽوبر 1907ع تي سنڌ جي تاريخي شهر ملاڪاتيار ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم حيدرآباد ۾ ۽ ثانوي تعليم ٽنڊي باگي جي مير غلام محمد مدرسي مان ورتائين. مئٽرڪ نورمحمد هاءِ اسڪول، حيدرآباد مان ڪيائين. 1932ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج، ڪراچيءَ مان بي. اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. 1936ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي. ٽيءَ جو امتحان پاس ڪيائين. لاڙڪاڻي ۽ ميرپورخاص ۾ ملازمت ڪرڻ کان پوءِ خواجه صاحب 1936ع ۾ لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول، نوابشاهه جو هيڊماستر مقرر ٿيو. 1972ع تائين انهيءَ عهدي تي قائم رهيو. نوابشاهه ضلعي ۾ تعليمي درسگاهون قائم ڪرڻ ۾ خواجه صاحب جو وڏو هٿ آهي. پاڻ 1972ع کان پوءِ بورڊ آف انٽرميڊيئيٽ ائنڊ سيڪنڊري ايڊيوڪيشن، حيدرآباد جو چيئرمئن به ٿي رهيو. سيڪنڊري بورڊ جي جِمنازيم ۽ مهراڻ آرٽس ڪائونسل جون عمارتون سندس محنت جون يادگار آهن. خواجه صاحب وڏو تعليمي ماهر ٿي گذريو آهي. هن جون تعليمي خدمتون سنڌ وساري نه سگهندي. سنڌ ۾ هزارن جي تعداد ۾ سندس شاگرد آهن. 20 سيپٽمبر 1999ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1907.10.11  عيسوي

ايڇ ايم خواجه ، 11 آڪٽوبر 1907ع تي سنڌ جي تاريخي شهر ملاڪاتيار ۾ ڄائو


1999.09.20  عيسوي

ايڇ ايم خواجه 20 سيپٽمبر 1999ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رضيه سلطانه
اتا ترڪ ڪمال
انور بلوچ2
خواجه خطير
رام شرن شرما
عثمان راهوڪڙو
شاهه حيدر سنائي سيد
جمن شاهه جيلاني
حبيب الله ڏيپلائيِ
لعل بخش جسڪاڻي ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون