داخلا ؛ 4421
پڙهيو ويو ؛ 414
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-08-24


تصويرون




ٽائيم لائين

01.11.1935-A.D
ايڊورڊ سعيد يروشلم جي هڪ خوشحال عيسائي گهراڻي ۾ پهرين نومبر 1935ع تي جنم ورتو .




sindhianaسنڌيانا--ايڊورڊ سعيد

ٽائيٽل ؛ ايڊورڊ سعيد


شاخ : شخصيت

ايڊورڊ سعيد: -ايڊورڊ سعيد- يروشلم جي هڪ خوشحال عيسائي گهراڻي ۾ پهرين نومبر 1935ع تي -جنم- ورتو. -ان- وقت فلسطين -برطانيا- جي راڄ هيٺ هو. هي ابتدا ۾ يروشلم، قاهره ۾ رهيو ۽ پوءِ ننڍي عمر ۾ ئي وڃي -آمريڪا- ۾ رهيو ۽ اتي -تعليم- وٺڻ لڳو، هن گريجوئيشن ۽ ماسٽرس پرسٽن يونيورسٽيءَ مان ڪئي ۽ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري هارورڊ يونيورسٽيءَ مان ورتي، جنهن دوران هن آرٽ، ادب ۽ ميوزڪ سان دلچسپي رکڻ سان گڏ فلسطيني سياست ۽ جدوجهد ۾عملي قدم وڌايو. هن پنهنجي -آتم ڪهاڻي- (Place out of) سميت ويهن کان وڌيڪ ڪتاب لکيا، -جن- ۾ فلسطين جي تاريخ، موسيقي کان وٺي وچ -اوڀر- ۽ فلسطين جي آزاديءَ لاءِ ٿيندڙ جدوجهد جهڙا موضوع شامل هئا، پر جنهن ڪتاب کيس سڀ کان وڌيڪ شهرت ڏني، اهو 1978ع ۾ شايع ٿيندڙ Orientatism، (مشترقيت) هو، هيءُ ڪتاب نيشنل بوڪ اوارڊ لاءِ به نامزد ٿيو، انکانسواءِ سندس ٻين اهم ڪتابن ۾ هيٺيان اهم آهن:
Culture and Representation of Imperialism
The End of the Peace Process
Power, Policitics and Culture Out if Place.
سندس ڪتاب دنيا جي 24 ٻولين ۾ ترجمو ٿي ڇپجي چڪا آهن.ايڊورڊ سعيد ڪولمبيا يونيورسٽيءَ ۾ -انگريزي- ادب جو پروفيسر هو. کيس فڪري محاذ تي فلسطيني ڪيس جو سگهارو نمائندو ڄاتو وڃي ٿو. فلسطين جي آزاديءَ بابت قومي ڪائونسل جو نمائندو به رهيو آهي، پر جيئن ئي ياسر عرفات اوسلو هيٺ -اسرائيل- سان امن ٺاهه ڪيو ته هن نه رڳو قومي ڪائونسل -تان- احتجاج طور استعيفا ڏني، پر اوسلو ٺاهه کي هن غلاميءَ کان وڌيڪ بدتر ڄاڻايو. هن ”ڊان“ -اخبار- ۾ به ڪالم لکيا. -ايڊورڊ سعيد- اهڙو تاريخدان هو، جيڪو هڪ ئي وقت سنگيت ناٽڪ پيانو وڄائڻ جو ماهر هو، هو -آمريڪا- جي ساڄي ڌر لاءِ هڪ اهڙي نفرت آميز شخصيت رهيو، جنهن کي ڪجهه نقادن (Terror Professor of)(دهشت جو پروفيسر) جهڙي خطاب سان به نوازيو. ايڊورڊ 9 سيپٽمبر واري واقعي کان هڪ مهينو پوءِ مشهور آمريڪي پروفيسر ۽ نظريي دان سيموئل هنگٽن جي ٿيوري The Clash of Civilization (تهذيبن جو ٽڪراءُ) کي The Clash of Ignorance (جاهليت جي ٽڪراءُ) سان ڀيٽيو، -ان- واقعي کان فورن پوءِ آمريڪي -اخبار- The Nation ۾ West v/s East (اولهه باقي دنيا) جي مقابلي ۾ سرد -جنگ- واري -تصوير- جي بنياد تي گڏيل ”تهذيبن جي ٽڪراءُ“ واري نظرئي جي هن چڱي نموني ڇنڊڇاڻ ڪئي. -ايڊورڊ سعيد- 25 سيپٽمبر 2003ع تي ڪينسر وگهي -آمريڪا- ۾ وفات ڪئي، سندس آخري ڪـتـاب (On Late Style) آهي، جيڪو سندس وفات کانپوءِ 2006ع ۾ ڇپيو.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيا جي پهرئين جلد جو ضميمو

ڇا اوهان وٽ -ايڊورڊ سعيد- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ايڊورڊ سعيد - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن