داخلا نمبر 2978
عنوان ايڌي عبدالستار
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 340 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
عبدالستار ايڌي

عبدالستار ايڌي

ايڌي عبدالستار

ايڌي، عبدالستار: پاڪستان جو مشهور انسان دوست ۽ سماجي ڪارڪن عبدالستار ايڌي 1929ع ۾ جهونا ڳڙهه جي ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو. سندس والد ڪپڙي جو واپاري هو. جڏهن ايڌي يارنهن سالن جو ٿيو ته سندس ماءُ کي شگر جي بيماريءَ سبب فالج ٿيو ته هن ماءُ جي بيحد خدمت ڪئي. ننڍپڻ کان ٻين جي مدد ڪرڻ جو قائل هو. جيڪو عمل اڳتي هلي سندس زندگي کي ڪامياب بڻائڻ ۾ ڪارگر ثابت ٿيو.
هنن جو ڳوٺ گجرات ۾ جهونا ڳڙهه ويجهو ”بانٽوا“ نالي هو، جتي جي 25 هزار آباديءَ مان 75 سيڪڙو ميمڻ برادريءَ تي ٻڌل هئي، هي ڌوٻي واڙي ۾ رهندا هئا. عبدالستار ايڌي جڏهن ستن سالن جو ٿيو ته ڌوٻي واڙي مان لڏي هڪ ٻئي پاڙي ۾ اچي ويٺا. عبدالستار ايڌيءَ جي پڙهڻ سان گهٽ دلچسپي هئي ۽ راند روند تي ڌيان وڌيڪ ڏيندو هو، ڪلاس ماستر کيس مانيٽر بنايو ۽ ايئن هن ۾ اڳتي وڌڻ جو ذوق پيدا ٿيو. سندس والد وڻج واپار سبب گهر کان اڪثر ٻاهر رهندو هو ۽ ننڍڙي عبدالستار جي تربيت ماءُ جي هٿن ۾ ٿي. هن ۾ ننڍي هوندي کان ئي ماڻهن جي خدمت جو جذبو موجود هو. هو ذهني اپاهجن ۽ غريبن سان همدردي ڪندو هو، هن 11 سالن جي ڄمار کان نماز روزي جي پابندي ڪئي، پر ڪڏهن به مذهبي انتهاپسند نه رهيو، چوٿين ڪلاس ۾ پڙهائي ڇڏي ڏنائين، 11 سالن جي ڄمار ۾ ڪپڙي جي واپاري حاجي عبدالله جي دڪان تي 5 رپيا مهينو پگهار تي بيٺو، هي ڪپڙن جا تاڪيا پٺن تي رکي گهر گهر وڪڻندو هو، هن دڪان به هلايو ۽ هڪ ڀيرو وري پهرئين انگريزي درجي ۾ پڙهڻ ويٺو، 15 سالن جي ڄمار ۾ رسمي تعليم ختم ڪيائين، ننڍي هوندي گجراتي اخبارن جو مطالعو ڪندو هو. بمبئي سماچار وسيلي مارڪس ۽ لينن جي نظريي کان واقف ٿيو. هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ جو مطالعو ڪيائين، سندس ذهن ۾ تبديلي مئڪسم گورڪيءَ جي ناول ”ماءُ“ آندي ۽ سندس من ۾ ”انقلاب“ لاءِ دلچسپي وڌي. هن جو پيءُ لبرل فلسفي ذهن رکندڙ هو. انگريزن جي آخري دور ۾ قائد اعظم محمد علي جناح بانٽوا ۾ وڏو سياسي جلسو ڪيو، جنهن ۾ عبدالستار ايڌي ۽ سندس ساٿين 35 هزار رپيا گڏ ڪيا ۽ مسلم ليگ جا ميمبر بڻيا. ورهاڱي وقت هندو مسلم فسادن جي خطري سبب ٽيهارو هزار ميمڻن سان گڏ هن خاندان به پاڪستان هجرت ڪئي. هن جو خاندان ڪراچيءَ جي پسگردائي ۾ ملير ۾ اچي رهيو.
1957ع ۾ جڏهن ڪراچيءَ ۾ ڦهليل وبا ”فلو“ سبب ڪيترا ماڻهو مري ويا ته ايڌيءَ تي ان جو ڏاڍو اثر ٿيو. هن شهر جي ٻاهران تنبو هڻي متاثرن کي اتي رهايو ۽ سندن وس آهر خدمت ڪئي. ترت ڪراچيءَ جي ڪجهه دولتمندن سندس مالي مدد ڪئي. ان وقت هن هڪ ڊسپينسري قائم ڪئي ۽ ايمبولينس سروس به شروع ڪيائين. ان سان گڏ مفت ويم گهر به قائم ڪيائين ۽ بي. بي. سي جي رپورٽ موجب 2002ع کان 2008ع تائين سڄي پاڪستان ۾ ايڌي سينٽر گهڻي حد تائين سماجي ڪمن ۾ رڌل رهيا آهن. هن وقت تقريباً 600 کان وڌيڪ ايمبولينس گاڏيون سڄي ملڪ جي سينٽرن تي موجود آهن ۽ هوائي سروسز پڻ اٿن، جيڪا ڪنهن به حادثي وقت تڪڙي اپاءَ لاءِ طبي سهولتن سان گڏ تيار رهي ٿي. ايمبولينس ۽ ڊسپينسري سهولتن کان سواءِ عام طور تي پاڪستان ۾ ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ ايڌي فائونڊيشن طرفان اسپتالون،ويم گهر، ذهني مريضن لاءِ اسپتالون، معذورن لاءِ گهر، لاوارث ٻارن لاءِ پڻ رهائش جي جاءِ وغيره قائم ٿيل آهن. ان کان سواءِ ايڌي فائونڊيشن ڪنهن به قدرتي آفت، حادثي، زلزلي ۽ باهه سبب ٿيندڙ نقصانن مهل بروقت پهچي امداد لاءِ وَسَ ڪري ٿي.
ايڌي چائلڊ هوم نالي هڪ شعبو، ڪراچيءَ کان حيدرآباد ويندڙ سپر هاءِ وي تي قائم آهي، جنهن ۾ سوين يتيم ۽ لاوارث ٻارن کي پناهه مليل آهي. (ڏسو ايڌي چائلڊ هوم).
هن ساده لباس شخص ڪڏهن به غرور جو اظهار نه ڪيو آهي، تازو هُن غريب بکايل ماڻهن جي مدد لاءِ ڪِشتو کڻي مختلف شهرن ۾ خيرات وٺڻ لاءِ ڪئمپون پڻ لڳايون. 8 آڪٽوبر 2005ع ۾ آيل خوفناڪ زلزلي ۾ هُن بالاڪوٽ، ڪشمير ۽ ٻين متاثر علائقن ۾ ترت پهچي خوب مدد ڪئي. هن وقت دنيا ۾ جن ماڻهن کي سماجي خدمتن عيوض سڃاتو وڃي ٿو، تن ۾ عبدالستار ايڌي سڀ کان مٿانهون آهي، سندس خدمتن عيوض کيس عالمگير شهرت سان گڏ ڪيترائي اوارڊ پڻ مليا آهن، کيس انسٽيٽيوٽ آف بزنس ائڊمنسٽريشن-پاڪستان طرفان اعزازي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري پڻ مليل آهي. 1997ع جي عالمي رڪارڊ ”گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊز“ موجب ايڌي فائونڊيشن جي ايمبولينس سروس کي دنيا جي وڏي ۾ وڏي سروس قرار ڏنو ويو. ان کانسواءِ بنا ڪنهن موڪل جي ايڌيءَ کي ڪم ڪرڻ جي مڃتا
پڻ مليل آهي.
عبدالستار ايڌي 1947ع ۾ سنڌ ۾ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ آيو. پر اهو ئي سندس وڏن جو اصل وطن هو. هن پنهنجي ابن ڏاڏن بابت پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ڄاڻايو آهي ته اهي ٽي صديون اڳ ”ٺٽي جي هڪ عالم هٿان هندؤ مان مسلمان ٿيا ۽ مومن جو خطاب ورتائون، جيڪي اڳتي هلي ميمڻ سڏيا ويا. اهي ميمڻ سنڌ ۾ هالا کان نڪري ڪڇ ۽ ڪاٺيا واڙ طرف ويا. اسان انهن ميمڻن جي هڪ نک بانٽوا ميمڻن مان آهيون“. عبدالستار ايڌيءَ جي ڪٽنب جو واسطو ڪاٺيا واڙ جي ايڌي ڪٽنب سان هو، جتي سندن ايڌي محلو هو. پر وقت گذرڻ سان اهو به ڳوٺ ميسارجي ويو، گجراتي لفظ ايڌيءَ جي معنيٰ ”سُست“ آهي، پر سندن اها نُک محنتي، انسان دوست روين سان ڀرپور ۽ جهيڙن ڦڏن کان دور آهي، ان ڪري کين ايڌي سڏيو ويو. عبدالستار ايڌيءَ جو ڏاڏو حاجي رحمت الله توڪلي انسان هو ۽ ماڻهن ۾ عوامي تڪرارن کي صلح سان نبيريندو هو. ايڌيءَ جي والد جو نالو عبدالشڪور ايڌي آهي. سندس والد جون پهريون ٻه زالون گذاري وڃڻ کانپوءِ هن غربيٰ سان شادي ڪئي. هن جي ماءُ جو تعلق هڪ واپاري ڪُٽنب ديوان سان هو ۽ هوءَ پُر تشدد طريقي سان اڳ طلاق ورتل هئي، جنهن سان انسان دوست عبدالشڪور ايڌيءَ شادي ڪئي. غربيٰ ئي عبدالستار جي ماءُ هئي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.00.00  عيسوي

عبدالستار ايڌي 1929ع ۾ جهونا ڳڙهه جي ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون