داخلا ؛ 2044
پڙهيو ويو ؛ 519
پسند ڪيو ويو ؛ 2
تاريخ ؛ 2012-03-07


تصويرون




ٽائيم لائين

0012.00.00-Hijree
اَبوذر غفاري حضرت، اتي مصلحتاً کيس عام ماڻهن کان جدا ’ زبده ‘ ۾ رهايو ويو . جتي ئي 12 هه/634ع ۾ وفات ڪيائين .

0634.00.00-A.D
اَبوذر غفاري حضرت، اتي مصلحتاً کيس عام ماڻهن کان جدا ’ زبده ‘ ۾ رهايو ويو . جتي ئي 12 هه/634ع ۾ وفات ڪيائين .




sindhianaسنڌيانا--اَبوذر غفاري حضرت

ٽائيٽل ؛ اَبوذر غفاري حضرت


شاخ : اصحابي

اَبوذر غفاري حضرت: ابوذر غفاريءَ جو اصل نالو جندب هو ۽ اَبُوذر سندس ڪنيت آهي. مشهور -اصحابي- ٿي گذريو آهي، جيڪو پهريائين -اسلام- قبول ڪندڙن ۾ پنجون شخص هو. نهايت زاهد، عابد، عالم ۽ سچار هو. نبي سڳوري جي حڪم تي پنهنجي قبيلي ۾ وڃي -اسلام- جي تبليغ ڪندو رهيو ۽ هجرت کان پوءِ مديني شريف ۾ آيو. نبي سڳوري کيس ٻه ڀيرا مديني جو -امير- مقرر ڪيو. خلافت راشديه جي دور ۾ فتويٰ به ڏيندو هو. نبي سڳوري جي عهد جي سادگيءَ جو شيدائي هو. وٽس جڏهن مال ۽ دولت جي فراواني ٿي ته نهايت بيزار ٿي پيو. هو دنيوي مال دولت جمع ڪرڻ جي سخت خلاف هو. نبي سڳوري جي وفات کان پوءِ شام ڏانهن ويو ۽ دمشق جي بااختيار صاحبن جي پُرتڪلف زندگيءَ تي -تنقيد- ۽ احتساب ڪرڻ لڳو. انهيءَ ڪري -امير- معاويه جي شڪايت تي کيس مديني سڏايو ويو. اتي مصلحتاً کيس عام ماڻهن کان جدا ’زبده‘ ۾ رهايو ويو. -جتي- ئي 12 هه/634ع ۾ وفات ڪيائين.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -اَبوذر غفاري حضرت- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

اَبوذر غفاري حضرت - مان نڪتل ٻيون شاخون-


اصحابي - موضوع جون ٻيون داخلائون-
اَبوذر غفاري حضرت
ابو هريره
بلال رضي الله عنه
ايوب انصاري حضرت
ابو ايوب انصاري رضي الله عنه
ثابت بن دحداح
ثابت بن ضحاڪ
ثابت بن قيس
جابر بن عبدالله الانصاري


.....اصحابي موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن