اُهي ڏينهن اُهي شينهن ٽي جلد

اُهي ڏينهن، اُهي شينهن (ٽي جلد) (ڪتاب ):پير علي محمد راشديءَ جي هيءَ تصنيف ٽن جلدن ۾ سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد ڇپائي آهي. هن ڪتاب جو جلد پهريون، سال 1966ع ۾ ڇپيو جنهن ۾ 536 صفحا هئا. جلد ٻيو، سال 1980ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ 498 صفحا هئا ۽ جلد ٽيون، سال 1981ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ 470 صفحا هئا. هن ڪتاب جا نوان ڇاپا نيو فليڊ پبليڪيشن ۽ روشني پبليڪيشن به ڇپايا آهن. هن ڪتاب ۾ پير صاحب سنڌ جي سياست، صحافت، ادب ۽ ٻين شعبن جي شصيتن بابت پنهنجي مائيدار ٻوليءَ ۾ ذڪر ڪيو آهي ۽ ان کي تاريخ ساز ڪتاب جي حيثيت ڏني آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو