داخلا نمبر 1904
عنوان اِبن خردازبه
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 525 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

اِبن خردازبه

اِبن خردازبه: سندس اصل نالو ابوالقاسم عبيدالله بن عبدالله هو، پر پاڻ ابن خردازبه جي عرفيت سان مشهور ٿيو. 205هه/820ع ۾ ڄائو. سندس پيءُ طبرستان جو حاڪم هو، هيءُ عباسي خليفي ’معتمد‘ جي زماني ۾ ڪيتري وقت تائين جبال واري علائقي (عراق و عجم) ۾ ٽپال ۽ وقائع نگاريءَ جي منصب تي فائز رهيو. انهيءَ زماني ۾ هن پنهنجي ڪتاب، ’جغرافيه المسالڪ والممالڪ‘ کي مرتب ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن کي مڪمل ڪندي کيس تقريباً 40 سال لڳا. مشهور اسلامي شهرن خاص ڪري عباسين جي سلطنت جي وچ ۾ جيڪي رستا آهن، تن جي متعلق هيءُ پهريون ڪتاب آهي. جيئن ته پاڻ محڪمي جو عملدار هو، انهيءَ ڪري سندس ڪتاب جي معلومات نهايت پڪي ۽ قيمتي آهي. هن سن 300 هه/ 912ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0205.00.00  هجري

اِبن خردازبه: سندس اصل نالو ابوالقاسم عبيدالله بن عبدالله هو ، پر پاڻ ابن خردازبه جي عرفيت سان مشهور ٿيو . 205هه/820ع ۾ ڄائو .


0820.00.00  عيسوي

اِبن خردازبه: سندس اصل نالو ابوالقاسم عبيدالله بن عبدالله هو ، پر پاڻ ابن خردازبه جي عرفيت سان مشهور ٿيو . 205هه/820ع ۾ ڄائو .


0300.00.00  هجري

اِبن خردازبه: هن سن 300 هه/ 912ع ۾ وفات ڪئي .


0912.00.00  عيسوي

اِبن خردازبه:هن سن 300 هه/ 912ع ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون