اِندر

اِندر: ويدڪ ڌرم ۽ هندومت مطابق ديوتائن جو راجا، آسمانن جو حاڪم. ڪڪرن، کنوڻ ۽ گوڙ تي هن جو اختيار آهي. هيءُ مينهن وسائي ٿو. طوفان به سندس تابع آهي. مندون سندس حڪم سان بدلجن ٿيون. هيءُ سرڳ (بهشت) جو به حاڪم آهي ۽ اتي جون سڀ پريون ۽ اپڇرائون سندس تابع آهن. اندر جي زال جو نالو ”اندراني“ آهي، جنهن جي پيٽ مان سندس پٽ ”جينت“ ۽ ڌيءُ ”جينتي“ پيدا ٿيا.
هڪ روايت موجب ”اندر“ کي زمين آسمان جي وچ ۾ رهندڙ ديون پرين جو بادشاهه مڃيو وڃي ٿو، جيڪو عام طرح لوڪ ڪهاڻين ۾ ايندو آهي.


لفظ اِندرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو