اپر نورواهه

اپر نورواهه: تعلقي دادوءَ جو هڪ مشهور واهه، جيڪو اصل نورواهه ڦاٽ سان وڃي ملندو هو. هيءُ واهه ميان نورمحمد ڪلهوڙي کڻايو هو، جنهن تان مٿس ’نورواهه‘ نالو پيو. هيءُ نورواهه وهي هلي اصل نورواهه سان ’نولکيءَ‘ کان ٿورو پوئتي ملندو هو. هن واهه تي ڳوٺ ’مهرائي‘ نالي سان سڏيو ويندو هو. ٻيو اپر نورواهه تي ڳوٺ ’پٺڙ‘ هو. اپر نورواهه تي نار چڙهندا هئا، جن تي جواريون ۽ وونئڻ ٿيندا هئا. هن واهه تي انگريزن جي دؤر ۾ ’ڍاڪن‘ جا نار به چڙهندا هئا، جن تي چيٽ جو فصل ٿيندو هو. 1937ع ڌاري نورواهه، جتوئي ڪيٽيءَ ۾ آيو. ديهه ’ڪچورپ‘ تعلقي دادوءَ ۾ ٻئي نورواهه آهن. هاڻي جتوئين اپر نورواهه کي لٽائي ڇڏيو آهي. ڪٿي ڪٿي هن قديم واهه جا آثار ملن ٿا. ڪجهه عرصو اڳ 1940ع ڌاري پراڻي درياهي واهه ’امام عليءَ‘ سان دادو ڪئنال مان پاڻي وهائي، اپر نورواهه جنهن کي ’پراڻو نورواهه‘ به چوندا هئا، پاڻي ڪٺو ڪري، ان تي ڍاڪي چاڙهائي چيٽ جي آبادي ڪرائيندا هئا. هن واهه ۾ هڪ وڏو ڪُنب هو، جنهن ۾ ٻاروهي تار پاڻي بيهندو هو. ان جو نالو ’فيضڻ جو ڪنب‘ هو، ڇوته هڪ پنهور شڪار ڪندي ان ڪنب ۾ ٻڏو هو، جيڪو زميندار هو، ان ڪري هن ڪنب تي نالو ’فيضڻ جو ڪنب‘ پئجي ويو. پراڻي نورواهه ۾ ٻيڙيون به هلنديون هيون. ڪن جو چوڻ آهي ته نورواهه پراڻو، پراڻي ديري بندر کان به اڳتي ويندو هو، جيڪو اڳتي ’چوئي واهه‘ جي نالي سان سڏجي ٿو، حالانڪ چوئي واهه الڳ ’ٺهڪڻ‘ واري درياهه مان نڪتل آهي.


لفظ اپر نورواههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو