اڀرندو نارو

اڀرندو نارو

اڀرندو نارو

اُڀرندو نارو: هي هڪ تمام پراڻو وهڪرو آهي، جنهن بابت محققن جا مختلف رايا آهن. هڪڙن جو خيال آهي ته اهو وهڪرو ستلج نديءَ جو پراڻو پيٽ آهي، جنهن کي ڪجهه صديون اڳ ستلج ندي ڇڏي وئي هئي. ڪن جي خيال موجب اها هڪ پراڻي ندي هئي، جيڪا ستلج جي اڀرندي طرف کان هماليه جبلن مان نڪري سنڌ مان وهندي هئي ۽ عمرڪوٽ کي لتاڙي ڪڇ جي نار ۾ وڃي پوندي هئي. ان وقت هن کي ’گهاگهڙ‘ ندي سڏيندا هئا، پر گهڻي وقت کانپوءِ گهٽجي، ناري واهه جي صورت اختيار ڪري وئي. 1834ع ۾ جيمس ميڪرڊو لکيو آهي، ته هي سنڌو نديءَ جو پراڻو پيٽ آهي، جيڪو بکر کان چاليهه ميل مٿي سيد گنج بخش جي ڳوٺ وٽ جدا ٿي، الور جي اوڀر کان ڏکڻ طرف وهندو هو ۽ هن مان هڪ شاخ الهندي طرف نڪرندي هئي، جنهن کي ’لوهاڻو درياهه‘ سڏيندا هئا. جيمس مئڪمرڊو کان ڏهه سال پوءِ ڪئپٽن بيڪر لکي ٿو ته هي سنڌو نديءَ جو پُراڻو پيٽ آهي، پر هن کي پاڻي پنجاب جي ٻن ڍورن کان ملندو هو، جن مان هڪڙو سنڌو نديءَ جي آمهون سامهون هو ۽ ٻيو ستلج نديءَ جي سامهون روپار کان بهاولپور جي ويجهو هو. پويون ڍورو سبزل ڪوٽ وٽان وهي، روهڙيءَ جي اوڀر ۾ يارنهن ميلن جي مفاصلي تي ناري جي مُنهن سان اچي ملندو هو. ڪن محققن جي راءِ آهي ته سڪندر اعظم جي وقت سنڌ مان ٻه درياهه وهندا هئا، جن مان اوڀر واري درياهه کي هاڪڙو يا وهند سڏيندا هئا ۽ اهو ئي هن وهڪري جو پيٽ آهي. ايڇ. ٽي لئمبرڪ تحقيق سان ثابت ڪيو آهي ته هاڪڙو ۽ نارو انهيءَ هڪڙي ئي وهڪري جا نالا آهن، جيڪو وهڪرو ٽن حصن ۾ ورهايل آهي. ان جي پهرئين ۽ آخري حصي کي هاڪڙو ۽ وچ واري حصي کي نارو سڏيندا هئا. ڪجهه ننڍڙا درياهه، گهانگهڙ، مرڪنڊا، سرسوتي ۽ چٽانگ پاڻ ۾ ملي هڪڙو وهڪرو ٺاهيندا هئا. انهي وهڪري جو وجود بهاولپور ۽ بيڪانير رياست ۾ به ملي ٿو، جنهن کي هاڪڙو سڏيندا هئا. وڃڻوٺ وٽان اهو وهڪرو ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندو هو. هڪڙو حصو اڳ ۾ ڏکڻ طرف، پوءِ اولهه طرف ۽ آخر ۾ ڏکڻ اولهه ۽ ڏکڻ طرف هلي روهڙيءَ جي ڏکڻ ۾ ٽڪرين ۾ پهچندو هو، جنهن کي وهندا سڏيندا هئا، ٻيو حصو ڏکڻ ۽ ڏکڻ اولهه طرف وهي وڃي ’وهندا‘ سان ملندو هو، جنهن کي ريڻي سڏيندا هئا. ٻنهي حصن، وهندا ۽ ريڻيءَ جي ميلاپ کانپوءِ هيٺ گڏيل حصي کي نارو سڏيندا هئا، جيڪو ٻه ميل کن ويڪرو هوندو هو. اهو نارو واريءَ جي دڙن مان سٺ ميل سفر ڪندو ڏکڻ ۽ ڏکڻ اولهه طرف وهندو هو. سٺ ميلن کانپوءِ کليل زمين ۾ ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر تي وهندو هو. آخرڪار ڏکڻ ۽ ڏکڻ اولهه طرف تي هلي وڃي ڪڇ جي رڻ ۾ پوندو هو. هن آخري ٽڪري کي وري به هاڪڙو سڏيندا هئا. 1859ع ۾ ليفٽيننٽ فائيف روهڙيءَ کان ٿورو مٿي درياهه مان وڍ ڏيئي ناري جي پيٽ ۾ پاڻي آندو هو ۽ سکر بئراج ٺهڻ وقت ناري جو نئون منهن بئراج مان ڪڍيو ويو هو.


لفظ اڀرندو ناروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو