داخلا ؛ 1411
پڙهيو ويو ؛ 1125
پسند ڪيو ويو ؛ 2
تاريخ ؛ 2012-02-15


تصويرون


Akbar-Badshah.jpg
اڪبر بادشاهه
اڪبر بادشاهه



ٽائيم لائين

1542.10.15-A.D
شهنشاهه جلال الدين محمد اڪبر ، 15 آڪٽوبر 1542ع تي ڄائو

1605.10.16-A.D
اڪبر بادشاهه 16 آڪٽوبر 1605ع تي ” آگري “ ۾ وفات ڪئي




sindhianaسنڌيانا--اڪبر بادشاهه

ٽائيٽل ؛ اڪبر بادشاهه


شاخ : بادشاهه

اڪبر بادشاهه: شهنشاهه -جلال- الدين محمد اڪبر، مغل سلطنت جو نيڪ نام -بادشاهه-، عمرڪوٽ سنڌ ۾ 15 -آڪٽوبر- 1542ع تي ڄائو هو. 1556ع ۾ والد جي وفات وقت هي پنهنجي -استاد- -بيرم خان- سان گڏ ڪلانور (ضلعي گورداسپور) ۾ هو، اتي ئي هن جي -تخت- نشينيءَ جون رسمون ادا ڪيون ويون. جلد ئي هن -پاڻيپٽ- جي ميدان ۾، هيمو بقال سان لڙائي ڪئي، جنهن ۾ فتح حاصل ڪيائين ۽ -ان- سان سندس سلطنت کي ايندڙ لوڏا، ڪجهه جَهڪا ٿيا.
مغليه سلطنت جو بنياد -بابر بادشاهه- 1526ع ۾ وڌو، ۽ چئن سالن کان پوءِ هو وفات ڪري ويو. همايون 1530ع ۾ -تخت- تي ويٺو، پر 1540ع ۾ شيرشاهه سوريءَ کان شڪست کاڌائين. شيرشاهه سوريءَ جي مرڻ کان پوءِ همايون، جڏهن وري -تخت- حاصل ڪيو ته هو به جلد ئي حادثي جو شڪار ٿي مري ويو.
جيستائين اڪبر 18 سالن جو نه ٿيو هو، تيستائين -بيرم خان- ئي سلطنت جو مختيار هو، ۽ پوءِ جڏهن اڪبر واڳون سنڀاليون ته فتحن جو، هڪ اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويو. راجپوتانا جي راجائن جي اڪثريت ازخود ئي فرمانبردار ٿي وئي، ميواڙ جي راجا مقابلو ڪيو، پر شڪست کاڌائين. راجا اُڌي سنگهه ۽ سندس جاءِ نشين پرتاب به مقابلي کان پوءِ ماتحت ٿي ويا. مالوا، گجرات، خانديش، -احمد آباد-، گونڊوانا، -بنگال-، اُڙيا، ڪشمير، سنڌ، مطلب ته ڏکڻ -ايشيا- جي هڪ حصي کان سواءِ، ڪابل کان -احمد نگر- تائين، ۽ سنڌ کان -بنگال- تائين سمورو ملڪ مغلن جي اثر هيٺ اچي ويو.
اڪبر -بادشاهه- ملڪي ۽ فوجي انتظامن جي -اصلاح- ڪئي. زمينن جي معاملي ۾، شيرشاهه جي نظام کي بهتر بنايائين. هن سلطنت جي انتظامي عهديدارن جا 33 درجا بنايا، -جن- ۾ سڀني کان ننڍو درجو، ڏهن سپاهين جي آفيسر جو هو ۽ وڏو درجو ڏهن هزارن تائين هو، پر اڪبر پنجن هزارن کان وڌيڪ درجي وارو عهدو، شهزادن کانسواءِ ٻيو ڪنهن کي به نه ڏنو. سڀني کي روڪ پگهار ڏنو ويندو هو. هن ازبڪن ۽ پنهنجي -ڀاءُ- مرزا حڪيم جي بغاوتن کي به ڪچليو.
اڪبر، سموريءَ سلطنت کي 18 صوبن ۾ ورهايو، ۽ هر صوبي ۾ هڪجهڙو نظام چالو ڪيو. سندس دؤر ۾ علم ۽ فن جي تمام گهڻي -ترقي- ٿي. فيضي، -ابوالفضل-، -تان- سين، -تلسي- داس وغيره اڪبري درٻار سان لاڳاپيل رهيا، جيڪي سندس ”نون رتنن“ مان هئا. هن جي دؤر ۾ ’اڪبر نامه‘، ’آئين اڪبري‘، ’طبقات اڪبري‘ ۽ ’منتخب التواريخ‘ وغيره جهڙا ڪتاب لکيا ويا. هن ’دين الاهي‘ نالي مذهب به شروع ڪيو، جنهن ۾ مذهب ۽ ذات -پات- جي فرق کي ختم ڪيائين، ۽ مرڪزي بنياد -توحيد- تي رکيائين (تفصيل لاءِ ڏسو ”دين الاهي“).
جيتوڻيڪ هن باقاعدي -تعليم- حاصل ڪانه ڪئي، پر هو نهايت ڪامياب حڪمران ثابت ٿيو. -ان- صورت ۾ اڪبر جو چاليهن سالن وارو دؤر مغل شهنشاهت جو عظيم الشان دؤر ثابت ٿيو.
-آئين اڪبري-“ ۽ ”اڪبر نامه“ مان، اڪبر جي شخصيت ۽ ڪارنامن کان سواءِ، سندس فڪر ۽ حڪمت تي، مفصل روشني پوي ٿي. ڊاڪٽر ايشوري پرشاد، -اڪبر بادشاهه- کي -ان- وقت جي دنيا ۽ يورپ جي همعصر حڪمرانن، خاص ڪري -انگلنڊ- جي راڻي ايلزبيٿ (1533_ 1603ع) ۽ -اسپين- جي فلپ ٻئين (1598_ 1527ع) سان ڀيٽ ڪرڻ کان پوءِ کيس -تاريخ- جو عظيم حڪمران سمجهي ٿو. هن 5 رجب 949هه/16 -آڪٽوبر- 1605ع تي ”آگري“ ۾ وفات ڪئي.
سندس -جنم- واري هنڌ تي سيد هاشم شاهه کيجراڙيءَ واري -پٿر- هڻائي، -ان- تي پنهنجو نالو ۽ -اڪبر بادشاهه- جي -جنم- جو سال (1542ع) لکايو هو. اهو -پٿر- عمرڪوٽ شهر کان هڪ ڪلو ميٽر ڏکڻ طرف اڄ به موجود آهي .




رايا ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
حوالو ؛

ڇا اوهان وٽ -اڪبر بادشاهه- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

اڪبر بادشاهه - مان نڪتل ٻيون شاخون-


بادشاهه - موضوع جون ٻيون داخلائون-
اڪبر بادشاهه
اگهم راجا
بهرام
بهلول لوڌي
بهمن
بهادر شاهه ظفر
اورنگزيب عالمگير
تماچي
تيمور لنگ
جارج-5
جارج-6
جسونت سنگهه ۽ جئسنگهه


.....بادشاهه موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن