داخلا جي تاريخ 2012-02-15
داخلا نمبر 1415
عنوان اڪبر جسڪاڻي
شاخ شخصيت
پڙهيو ويو 709 ڀيرا
داخلا جو حوالو
اڪبر جسڪاڻي

اڪبر جسڪاڻي

اڪبر جسڪاڻي

اڪبر جسڪاڻي: ٻاراڻي ادب کي سهيڙيندڙ اڪبر جسڪاڻي ولد ڄام خان جسڪاڻي، 1958ع ڌاري ضلعي دادوءَ جي شهر جوهيءَ ۾ ڄائو. ننڍڙوئي هو، ته سندس والد سعودي عرب ۾ گذاري ويو. اڪبر کي ناني ۽ نانيءَ پاليو. کيس ڪو چاچو يا مامو به نه هو. زندگيءَ جا اڙانگا پيچرا طئي ڪندي، 1975ع ۾ ”جيئي سنڌ“ تحريڪ جو ميمبر ٿيو. اُڻ کان پوءِ جيئي سنڌ پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن (وطن دوست پارٽي) ۽ سنڌ هاري ڪميٽيءَ لاءِ ڪم ڪيائين. هن جوهي شهر ۾، ترقي پسند قومپرست شعور پکيڙڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. سنڌي ادبي سنگت، جوهي شاخ جو بنياد به هن وڌو. ذوالفقار علي ڀٽي شهيد خلاف چاڪنگ ڪرڻ جي ڏوهه ۾ جيل به ڪمايائين. اڪبر کي مشهور اديب ۽ ڪهاڻيڪار سيد ظفر حسن جي دؤر ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ لائبريرين مقرر ڪيو ويو. ۽ بعد ۾ ٻارڙن جي ماهوار رسالي ”گل ڦل“ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ 1987ع ۾ ايڊيٽر مقرر ٿيو.
هن فتاح هاليپوٽي (شرجيل) جي همٿائڻ تي ڪهاڻين لکڻ جي شروعات ڪئي. هن جون شروعاتي ڪهاڻيون ماهوار ”سوجهري“ ۾ ٻارڙن جي صفحي ۾ ڇپيون. اُن کان پوءِ روزاني آفتاب، عبرت ۽ سنڌ نيوز ۾ به لکيائين. هن جي ٻاراڻين ڪهاڻين جا مجموعا ”بتين واري ناني“ (ناوليٽ)، ”رمون پيٽي“ ۽ ”خيرو حجم“ جي نالي سان نثار حسينيءَ ڇپرايا، جن مان ’رمون پيٽي‘ ۽ ’بتين واري نانيءَ‘ کي سنڌي ٻاراڻي ادب جي حوالي سان سنڌالاجيءَ طرفان بهترين ڪتاب طور انعام ڏنو ويو. اڪبر جو ڪتاب ”گلڙن جا گهاءَ“، هالا جي دوستن ڇپرايو. ان کانسواءِ اڪبر جون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪالم ۽ ڪهاڻيون ڇپيل آهن. اڪبر شادي نه ڪئي. هن فوت ٿيڻ کان اڳ، سگا شاخ جوهيءَ پاران، جوهي شهر ۾ قائم ڪيل گاج لائبرري (هاڻي اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائبرري) لاءِ پنهنجا سانڍيل ڪتاب ڊاڪٽر حميد سومري جي حوالي ڪيا. اڪبر جسڪاڻيءَ جو لاش حيدرآباد جي سحرش نگر واري ويران گهر مان، 13 آگسٽ 1999ع تي سڙيل حالت ۾ مليو. سندس موت اڄ ڏينهن تائين هڪ راز بڻيل آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.00.00  عيسوي

اڪبر جسڪاڻي 1958ع ڌاري ضلعي دادو جي شهر جوهيءَ ۾ ڄائو


1999.08.13  عيسوي

اڪبر جسڪاڻي 13 آگسٽ 1999ع ۾ فوت ٿيو.



شخصيت - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اڪبر جسڪاڻي
اڪبر لغاري
اڪبر نظير نمائي
ٻڍو فقير وگهامل
ٻرڙو شاهنواز
ٻرڙو عبدالعزيز انجنيئر
ڀڳت روپچند
ٽريور
پاٽائي شهاب الدين سهروردي
پير زين العابدين شاهه زينل
شخصيت ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون