داخلا نمبر 1423
عنوان اڪبر لغاري
شاخ شخصيت
پڙهيو ويو 871 ڀيرا
داخلا جو حوالو
اڪبر لغاري

اڪبر لغاري

اڪبر لغاري

اڪبر لغاري: سنڌي ٻوليءَ جو اديب ۽ ڪهاڻيڪار اڪبر لغاري 30 نومبر 1963ع تي تعلقي هالا جي ڳوٺ ٽالي خان لغاري لڳ ڀاڻوٺ تعلقي هالا ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم. اي اڪنامڪس (1978ع) ۽ ايل. ايل. بي (2003ع) آهي. شروع ۾ تعليم کاتي ۾ J.S.T طور ڀرتي ٿيو ۽ ان حيثيت ۾ ڳوٺ مبارڪ جروار، حمايت الاسلام هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ هوپفل هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهائيندو رهيو. ان بعد پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏئي، 1991ع ۾ پاڪستان ڪاليج سعيدپور، بدين ۾ ليڪچرر ٿيو. هن 1989ع ۽ 1990ع ۾ ٻه دفعا سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪيو. 1992ع ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جي ٽريننگ ڪري 1993ع ۾ موروي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ٿيو. 1994ع ۾ ريلوي مئجسٽريٽ حيدرآباد، 1995ع ۾ ايس. ڊي. ايم مٺي، 1996ع ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر دادو، 1997ع ۾ ايس. ڊي. ايم ڊگهڙي، 1998ع ۾ سيڪريٽري RTA حيدرآباد، 1999ع ۾ ايس. ڊي. ايم ميرپور خاص، 2000ع ۾ سٽي مئجسٽريٽ ڪراچي (سائوٿ)، 2001ع ۾ ڊيِ. اِي. او فنانس سانگهڙ، 2002ع ۾ ٽِي. ايم. او ڪورنگي ڪراچي، 2003ع ۾ ڊائريڪٽر ٽوئرزم، 2003ع ۾ ئي ڊپٽي سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت کاتو، 2004ع ۾ اِي. ڊِي. او روينيو دادو، 2005ع ۾ اِيِ. ڊِي. او روينيو ڄامشورو، 2007ع ۾ ڪين ڪمشنر حيدرآباد ۽ 2008ع کان اڄ تائين ڊِي. سي. او عمرڪوٽ طور پنهنجون خدمتون انجام ڏيئي رهيو آهي. سندس تصنيفن ۾ ”سنڌي ادب جو مختصر جائزو“ (1992ع( ۽ ”فلسفي جي مختصر تاريخ“ (2003ع) شامل آهن. ان کان سواءِ ادبي تنقيد ۽ شيخ اياز بابت سندس ڪيترائي مضمون روزاني ”ڪاوش“ ۾ ڇپيا آهن. ٽه ماهي ”مهراڻ“ رسالي ۾ سندس ڪهاڻيون به شايع ٿيل آهن. ”سارنگا“ رسالي جي اعزازي سٿ ۾ به شامل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو