داخلا جي تاريخ 2012-02-16
داخلا نمبر 1428
عنوان اڪرام الله ڌاريجو
شاخ سياستدان
پڙهيو ويو 492 ڀيرا
داخلا جو حوالو
اڪرام الله ڌاريجو

اڪرام الله ڌاريجو

اڪرام الله ڌاريجو

اڪرام الله ڌاريجو: اڪرام الله خان ڌاريجو 7 فيبروري 1971ع تي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو. پ. پ جو ايم.پي.اي آهي، جيڪو صوبائي اسيمبلي سنڌ جي گهوٽڪيءَ واري تڪ پي ايس 6 تان ڪامياب ٿيو. سندس تعلق گهوٽڪيءَ جي ڌاريجا خاندان سان آهي، جيڪو سياسي حوالي سان مشهور آهي. هن پاڪستان کان علاوه ڪيليفورنيا يونيورسٽي آمريڪا ۾ به تعليم حاصل ڪئي. جتان بزنس مئنيجمينٽ ۾ پي.ڊي. اي جي ڊگري حاصل ڪيائين ۽ پ پ نارٿ آمريڪا جو 2001ع کان 2005ع تائين وائيس پريزيڊنٽ پڻ رهيو. هن وقت ناڻي، بين الصوبائي رابطن، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ اريگيشن بابت ڪميٽين جو ميمبر ۽ سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن بابت ڪاميٽيءَ جو چيئرمين آهي. پاڻ سنڌ پيپلز ڊولپمينٽ ڪميٽي ضلعي گهوٽڪيءَ جو چيئرمين به آهي. سندس مستقل رهائش عادلپور ضلعي گهوٽڪي ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.02.07  عيسوي

اڪرام الله خان ڌاريجو 7 فيبروري 1971ع تي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بجاراڻي هزار خان
بچاڻي شمشاد بيگم
اسد سڪندر ملڪ
اسد عابد قاضي
اسفند يار ولي
اسماعيل راهو
اصغر خان
اعجاز جکراڻي
اعجاز علي خان ٽالپر
اعجاز علي خان جتوئي
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون